توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
توکان پوء ڪير اسان جي، سپرين لھندو سار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
اياز گل
خــلقـت سُـڏڪـي گُــهرنــدي آهي،
صحـت، دولـت، شُــهرت، عــظمـت،
قــدرت مُـــرڪــي چــونـدي آهي،
مـحـنت، مـحـنـت، مـحـنـت مـحنت،
استاد بخاري
پــڳ لاهـي پــوچــو ٻـــڌرائـڻ،
سِــرُ ڦـاڙي سُــرمـو پـــارائـڻ،
هـئـه دنـيا تـنهنجي هـمدردي،
رت رئــــاري رُئــــاري پـــرچـائڻ،
استاد بخاري
قوم هڪڙي ديس هڪڙو سوچجي،
۽ ثقافت ويس هڪڙو سوچجي،
تيلو تيلو ٿي وڃون نه ايئن عزيز –
جوڙجي ڪو بيس هڪڙو سوچجي.
عزيز ڪنگراڻي
ھر ھنڌ پنھنجي حضور جو، شاھد مونکي نہ ڪر
واعظ جي حد حساب جو، منڪر نہ ٿي پوان
زمزون ادائون تنھنجون، ڏسي ڪافراڻيون
ڪعبي کان منھن مٽي، ڪٿ ڪافر نہ ٿي پوان
اعجاز شاھ راشدي
پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي،
رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.
حليم باغي
وِڌا وات ۾ ڇـو اٿــئي مُــنڱَ زمــانا،
ستايو غريبن کي ڪنهن آ، سچي ڪر،
ڇـڏي ڏي اجــايــا ســجـايــا بــهانــا،
حقيقت کـڻي اڄ ته کيرئـون اڇـي ڪر،
استاد بخاري
اهو زمانو ويو جو شاعر ڏسندا هئا ڪي خالي خواب
اڄ جا شاعر خواب ڏسن ٿا ۽ ڪن ٿا تعبيرون ڀي
اي تنوير هي تنهنجا شعر به سنڌ جو ڀاڳ مٽائيندا
ڪي اهڙيون تقريرون آهن، جي آهن تقديرون ڀي
تنوير عباسي