امي ھو آيو؟
نہ ھي پردو ڌيئڙي
ھوا لوڏايو

شيخ اياز

مان سڻايان، سُڻين سڙي نه پوين.
هي قصو باهه جو حصو آهي.

استاد بخاري

دوست داناءُ ٿي ويو آھي
پٺَ ۾ گهاءُ ٿي ويو آھي

دادن ثقلين لاشاري

دل جان جگر آهـي، وطــن جي ڌرتي،
نـيڻن جـي نـظر آهـي، وطــن جي ڌرتي،
هـر دُک جـي دوا آهي طبـيبـو، بـابـا –
اڪـسير اثـر آهـي، وطــن جي ڌرتي،

استاد بخاري

بَندِ آھي مئڪدو محلاتِ جو، اَڌِ راتِ جو؛
شورُ ٿيو ڏاڍو ڳَليءَ ۾ راتِ جو ،اَڌِ راتِ جو.

روبينہ ابڙو

ڪا نه گونجي انا الحق سندي ڪا سدا
لاش لڙڪيو نه آ اڄ جي منصور جو
جي نه موسيٰ ڪا تجلي ڏسڻ ها گهري
ڇا ذڪر ڪو ڪري ها ڪڏهن طور جو؟

آصف جوڻو

راتِ آهي اُماس، رُوحُ آهي اُداس
آھي ڏاڍي پياس، هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون
نفرتن جو نگرُ، بَند مسجد جو درُ
ڇو ٿيون دَربدر، هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون

امداد حسيني

اي وينگس تنهنجا وار چڱا
تنهن تي منهنجا آر چڱا

شيخ اياز

مـزدور جـا ڏينـهن ڦِـن ٿـا مِـل جـي ڦـيـٿن وانگـر،
سـيٺيـن جـا سرمـايـا سـوگها لـوهن ٿنـڀن وانگـر،
ظـالـم انــڌا، ٻـوڙا، گـونـگا تـابـوتـن جـان آهــن،
مظلومن جا واڪ وڄن ٿا پٽ جي دهلن وانگر،

استاد بخاري

اڄ پيو آ پُور! لکجي نئين سري
عشق جو دستور لکجي نئين سري
پيار جو پرچو پنهونءَ تي ڪاٽجي
۽ سسئي جو سور لکجي نئين سري

سائينداد مڱريو

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون
نه ته ڪير ڪاڻ ڪير اسين ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ
اسين پاڻ اُتامرا ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ
پر حمل سرهي ساجن ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون

حمل فقير

محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسان
هوس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي

راشد مورائي