منزل سان لاڳاپيل شاعري
ڏاڍو ڏور لڳي ٿي منزل
ڪيڏو پنڌ اڻانگو آهي!
سِرُ اهڙو به اجايو ناهي
توڙي سِرَ جو سانگو ناهي!
شيخ اياز
اسانجون ھي ٻانھون، اسان جو نگاھون،
ازل کان لوچين ٿيون اھڙيون راھون،
انھيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
آڪاش انصاري
جڏھين وڏ ڦڙو ڪو ولھارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنوھارن تي وسندو،
نه رھندي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
آڪاش انصاري
ڪا منزل ڏيکاري ڏي ٿي
ڪو ڏورانهون ڏسُّ مليو آ
وارِي ڄڻ دلداري ڏي ٿي
گوندر کي ڪو گسُّ مليو آ
شيخ اياز
اچـبـو تـه جـگـر شيـر جـو ڌاري اچـبـو،
هـر ديـو ۽ راڪـاس کـي مـاري اچـبـو،
او مـنـزل – مقـصود، هـي واعدو آهي –
هـر حـال ۾ انجـام کـي پـاري، اچـبـو،
استاد بخاري
جڏھن منھنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جُھرندا،
ٻَري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
آڪاش انصاري
اسان جو جڏھين خون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙھا وطن جا به واسي ڇڏيندو،
جڏھين ٻارڙي ڪنھن، ڪئي ٻولي ٻاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
آڪاش انصاري