ويڄ سان لاڳاپيل شاعري

پاڙي ويڄ ھئام، تان مون مور نہ پڇيا
تيلاھين پئام، موريسر اکين ۾

لطيف

وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا؛
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ؛
ھينئڙا! تنِين پاسِ، گهارِ تہ گهايَلُ نہ ٿِئين.

لطيف

پنھنجا ڦٽ پراڻا ھئا
يا ھي ويڄ اياڻا ھئا

شيخ اياز

آھي گَهڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طبيبنِ؛
ڪيو وَسُ ويڄنِ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.

لطيف

ويڄ! ٻُڪي م ڏي، الا چڱي م ٿيان
سڄڻ مانَ اچي، ڪرلاھو ٿي ڪڏھين

لطيف