زمينن، آسمانن ۾، ڏٺم سڀني جهانن ۾
خدا ڌرتيءَ کي ويجهو آ، نه ڳوليو آسمانن ۾

وفا ناٿن شاھي

اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين،
اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين،
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟
اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.

حليم باغي

گهڙيال وڳو، يا وقت ڀڳو
روپوش ڏوهاريءَ وانگر

شيخ اياز

وڳو گل ورن، تو جو پاتو تن تي،
سڀ ڪنهن نيڻ ٺرن، سڀڪو من سڌير ٿئي.

حليم باغي

ھي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ
سو چئبو جيڪو چوڻو آ، ھڪ پير نه پُٺ تي ڀرڻو آ
تو مٽيءَ کي مَن مان ڏيان اي سنڌ امان اي سنڌ امان

ابراھيم منشي

مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ
غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان باغي آھيان

ابراھيم منشي

توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
توکان پوء ڪير اسان جي، سپرين لھندو سار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري

اياز گل

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون
سمون ڪنھن سار وانگي ھو
لڙيو پي لاڙ تان سورج
مھاڻين ٻار وانگي ھو

حسن درس

هـي ضـروري نـاهي هـر هـر زلــزلـو پـيـدا ڪـجي،
قـــوم ۾ لـيڪن مسلسـل ولــولو پـيـدا ڪـجي،
مشڪلاتون اينديون رهنديون پر ٻڌو مشڪلڪشا،
هـر قسـم تي هـوش سـان گـڏ حـوصلو پيدا ڪجي،

استاد بخاري

قدم قدم تي ھجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا
ڪري ويو ڪير بارشِ مئہ، خمار آلود ٿيا زمانا

شيخ اياز

موت جي بستر تي ھر آشنا ستل
زندگي گذري ٿي ھڪ بيمار جان

وفا ناٿن شاھي

جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام،
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

لطيف