اکيون سان لاڳاپيل شاعري
عقابيل اکين ۾ باري توکي بان
اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ ھڻيو مستان
جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين
لطيف
عقابيل اکين ۾ توکي تکا تير
ساجن انھي سيگ سين ڦٽيئي گهڻا فقير
ٻيو م مارج مير، تنھنجو پھريون ئي پورو ٿيو
لطيف
تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند،
هن اڻ هوند ۾ ڀي آڇينديون، اکڙيون ڳوڙهن بوند.
حليم باغي
مئين واندا، ميڏي اک واندي
ميڪون واندي اک اٽڪاوڻي اي
مئين ماندا، ميڏي دل ماندي
ميڪون ماندي دل وندراوڻي اي
استاد بخاري
جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا،
جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا،
جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
آڪاش انصاري
ھاءِ اُڃايون، آسَرونديون، وِکَ وک تي وَھلور
منھنجون اکڙيون، ھيڻيون ھَرڻيون، ڏسن اُفق ۾ ڏور
شيخ اياز
جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ،
جڏھين چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
آڪاش انصاري
جتي اوهان ڇڏيون اتي ئي آهين
اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين
ٻئي در واجھائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان
لطيف
جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو،
تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو ،
جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
آڪاش انصاري
مڌ اکين مان، چپن مان ڪوثر ڏي
هن دفعي هر دفعي کان بھتر ڏي
برف جي ڏيھ جو مان ماڻهو هان
باھ جھڙو گرم ڪو ڀاڪر ڏي
آصف جوڻو
ناھي پنڌ پري، اڄ پير ڀري، ھي اکڙيون ويٺيون آس ڪري
ھيڪر ته حياتيءَ منجھه ملون، پوءِ ڪير جيئي ۽ ڪير مري
ابراھيم منشي
تون تاج محل جي آھين طوطي
ڀل چُونڊ چُڳڻ لئه تون موتي
تون تارا ڪڍي ڀل کاءُ اکين جا
مون لئه ڪافي آ تنھنجي جوتي
ابراھيم منشي
جڏھين تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو،
تڏھين دور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو،
جڏھين جيءُ جھورڻ ھي آيون جدايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
آڪاش انصاري
اکيون به باندي رڳون به باندي،
پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ،
اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.
حليم باغي