تو ڇا ته ڏٺو آ اربيلا،
اي چنڊ ٻُڌا هِن ويڙهي ۾!
ڪنهن ذلف ورايا شامن جو،
ڪنهن وسڪارن جي چيچ جھلي؟
ايوب کوسو
جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ،
جڏھين چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
آڪاش انصاري
جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ،
گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ،
نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ،
”روحل“ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.
روحل فقير
ويدن منجھہ سمايل تون، گيتن منجھہ بہ ڳايل تون
ڌرتي دز ڪندو ڪو گهوڙو، ائين امالڪ ايندين تون
خليل ڪنڀار
ھن بيگانن جي بستيءَ ۾، ڪو ظالم آھي مستيءَ ۾
ھتي پُٺن اگھاڙا پاڻي لئه، حيران ھزارين وستيءَ ۾
ھُو چيٽ ڪتيون ويو چَٽ ڪري، ڪو چور وڏيرو چال ڪري
پوءِ ڍايل پيو نت ڍنگ ڪري، ھر روز حرامي ھستيءَ ۾
ابراھيم منشي
ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آ، سنڌو تنهنجو،
مـنهنجـو هڪـڙو هڪـڙو دم آ، سنڌو تنهنجو،
گـيت لـکان پيـو، جنگ لڙان پـيـو، ڏيهه ڏسي پيو،
ڪنَ تـي قـلم آ، هـٿ ۾ عـلم آ، سنڌو تنهنجو،
استاد بخاري
اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين،
اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين،
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟
اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.
حليم باغي
اونداهين سان جا ويڙھ ٿي آ
انهيء ۾ منهنجو به ڪجھ حصو آ۔
توڙي جو سج چنڊ ڪي ٻيا ها۔
توڙي مٽيء جو مان ڪو ڏيئو هان۔
آصف جوڻو