موکي انوکي، وٺي پر پياڪ جي
جنھن کي ويھ جي وات تي، چس لڳي چوکي
انھي لاءِ اوکي، جاڙ نہ ڪائي جيءُ جي
شيخ اياز
برابري سراسري اسان گھُرون ٿا ايتري
پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون ھيتري
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري
جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي
ابراھيم منشي
هـنن جــون چـــماٽـون اڃــا يـاد آهـن،
اکــيون کـول او قــوم، اســتاد آهـن،
هنن جي حقن جـو حساب ئي نه آهي،
سـڄـي قـوم سَرهـي جي هي شـاد آهن،
استاد بخاري
نوان مشال، نيون روشنيـون، نوان شعلا،
نوان خيال، نيون ڪوششون، نوان جذبا،
چـيو لطيـف، بـخاريءَ کــي، آزمـايـو هي،
نـوان جــوان، نـوان قــافــلا، نـوان رسـتا،
استاد بخاري
هِتان جو شامل هُنن صفن ۾
وطن کان غافل هُنن صفن ۾
هي وقت پيرو کڻي ٻڌايو
اوهان جو قاتل هُنن صفن ۾
آصف جوڻو