دل سان لاڳاپيل شاعري

اسانجا ڪافراڻا ڪم، نه ئي پنھنجي نمازي دل
مڃايوسونس ڪيڏو پر، ٿيئي ٿي ڪانه راضي دل
گلابن سوڳ ڪارو ڪيو، عجب غمناڪ غازي دل

حسن درس

ٿي پوي ماڪ گلابن تي هوا مان هر هر
دل چوي ٿي ته ملين ڪاش ڪٿي تون ٻيهر

شيخ اياز

محبتون ڌاريو نه ڌاريو دوستؤ!
پر دغا ڀي ڌاربي ناهي ڪڏهن.
هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي،
دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن.

اياز گل

دل کي اِئن وڪوڙيو ٿِي
ڄڻ ته وَل چنبيليءَ جي
ڪيتري نه خوشبو آ
ڄڻ ته رات سانوڻ جي

شيخ اياز

دل مُسافر خاڪ ڏي هَلجي کڻي،
هَل، وڃايل ڪاڪ ڏي هَلجي کڻي.

ايوب کوسو

نالو کڻان ته جيڪر بدنام ٿي پوي،
دل جنهن ڦري هئي، آ نامُوَر اهو!

لياقت ابڙو