عشق سان لاڳاپيل شاعري

ٻه سارون به تو کان سنڀاريون نه ٿيون
اڪيلايون توکان گذاريون نه ٿيون
هيڏي عشق ۾ ڪي صليبن تي ٽنگيا
۽ توکان وفائون به واريون نه ٿيون

آصف جوڻو

ٻيو ڪو مريضِ عشق جو درمان نٿو ٿئي،
خود درد ٿئي ٿو درد جو درمان ڪڏهن ڪڏهن.

مخدوم امين فھيم

جا سندس وارَ ڇُهي، هِيرَ ڇِني سگهندين تون؟
عشق کان عشق جي تقدير ڇِني سگهندين تون؟
چنڊ کان يار جي تصويرَ ڇني سگهندين تون؟
هُو مٿي سمنڊ منجهان وِيرَ، ڇني سگهندين تون؟

شيخ اياز

محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسان
هوس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي

راشد مورائي

عشق اسان وٽ لعل قلندر
جھولي جھومي تن من اندر

سرور نواز

موت سان فوت ڪين ٿيندس مان،
عشق جو ڪو شهيد آهيان مان.

مسرور پيرزادو

اڄ پيو آ پُور! لکجي نئين سري
عشق جو دستور لکجي نئين سري
پيار جو پرچو پنهونءَ تي ڪاٽجي
۽ سسئي جو سور لکجي نئين سري

سائينداد مڱريو

عشق ري انسان اڌورو، ڀُلجي نه ڪجئين ڀُل
قيمت پُڇي ڇا ڪندين
منشي تي محبت سندي، جُھلي آئي جُھل
قيمت پُڇي ڇا ڪندين

ابراھيم منشي

ڪجھ اکين ۽ ڪجھ چپن ۾ هو عيان
جام هڪڙو ٻن حصن ۾ ٿو رهي
سڏ ڪري مون کي پتنگن هي چيو
عشق هيڏي ڏس مچن ۾ ٿو رهي

آصف جوڻو

سونهن نوري هئي ذات ڇا نام ڇا
عشق ڪينجهر هيو ڄار ڇا ڄام ڇا

ساجد سومرو

هي مذهب ماٺ ۾ سارا اسان جي عشق ڳالهايو
عقيدا ڪيڏا ويچارا اسان جي عشق ڳالهايو
ڪري طاغوت جي بيعت رهيا چپ صاحب منبر
انا الحق جا هڻي نعرا اسان جي عشق ڳالهايو

آصف جوڻو