جوڳي سان لاڳاپيل شاعري

ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُنهيون ڪِيمَ دُکاءِ،
‘ واذڪر رَبَّڪَ في نفسڪ’ اَندرِ آڳ جَلاءِ،
جَنِ سَڄَڻَ جي سَاڃاَءِ، تَنِ ڪِينا مِٺو ڪِينَ ڪِي.

خواجہ محمد زمان

جڳ جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،
وڇوڙي ولهه رات ۾، سمهي پيا سوڳي،
هو راول، روڳي، رت روئي لڪ چڙهيا.

حليم باغي

رھيا اٿئي رات، صبح ويندي صابري
لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي

لطيف

تون جو منهنجي ناگريءَ، هلي آئيو آن،
ڀلي آيو آن، جوڳي توکي جيءَ چوان.

حليم باغي

پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي،
رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.

حليم باغي