اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ

حليم باغي

مون جي ڏکيا ڏينھڙا، قيدن ۾ ڪاٽيا
لڱ ته لوساٽيا، پر آئي منزل اوڏڙي

ابراھيم منشي

جنهن جي واٽ اُڃايل آهي
پاڻيارين جي پياس جيان
ميگهه رُسي ويو آهي اُن کان
ڄڻ مُنهنجي وشواس جيان

شيخ اياز

خــلقـت سُـڏڪـي گُــهرنــدي آهي،
صحـت، دولـت، شُــهرت، عــظمـت،
قــدرت مُـــرڪــي چــونـدي آهي،
مـحـنت، مـحـنـت، مـحـنـت مـحنت،

استاد بخاري

چاھيان ٿو ڪا رڙ لکان مان
نفرت جي اوگهڙ لکان مان

ايوب کوسو

اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،
اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير.

شمشير الحيدري

شمع ٻاريندي شب، پرہ باکون ڪڍيون
موٽ مران ٿي ميندرا، راڻا ڪارڻ رب
تنھنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا

لطيف

ڄامشوري جي ڪوئل تون آن ڇوڪري
بند وسڪيءَ جي بوتل تون آن ڇوڪري.

حليم باغي

سنڌو سُڪو ۽ سنڌ سُڪي، ٻي ڳالھه آ سڀ بي طُقي
ڏيئڻو اَٿنان ڏيو اُٿي رت جي ٻَلي رت جي ٻُڪي
جھڪندا ائين ويندا جُھڪي ٿيئڻي ھئي سا ٿي چُڪي
اڃان وفاقن ور چڙھيا پوءِ سنڌ اوھان کان وئي اُڪي

ابراھيم منشي

دل مُسافر خاڪ ڏي هَلجي کڻي،
هَل، وڃايل ڪاڪ ڏي هَلجي کڻي.

ايوب کوسو

اسان تہ تنھنجي بدن مان پنھنجو
حسين ڪيڏو وطن تراشيو
ھوا ۾ تنھنجو رئو اڏاري
اسان تہ پنھنجو گگن تراشيو

خليل ڪنڀار

لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ،
تون نه آئينءَ دفن ٿيڻ کانپوءِ،
جي اچين ها ڪيان آجيان ها عزيز-
زندگيءِ جي مان سج لهڻ کانپوءِ.

عزيز ڪنگراڻي