زندگي سارِي رف منجھان گُذرِي،
درد جي روز رش منجھان گُذرِي.
حوصلن جا هشام ڀاڪُر ۾ عزيز-
توڙي دل ڪشمڪش منجھان گُذرِي.
عزيز ڪنگراڻي
بَندِ آھي مئڪدو محلاتِ جو، اَڌِ راتِ جو؛
شورُ ٿيو ڏاڍو ڳَليءَ ۾ راتِ جو ،اَڌِ راتِ جو.
روبينہ ابڙو
هر سال پِتي ۾ پٿرِي جهڙو،
اک ۾ اٽڪيل ڪُڪَرِي جهڙو،
او ديس دُکايل نئون سال مبارڪ-
چوندي ڀانيُم ڪَڪَرِي جهڙو.
عزيز ڪنگراڻي
”اڃـا رات آهـي“ نـنڊاکـن جـو گـفتـو،
”اٿو ڏيـنهن ٿـي ويـو“ سجاڳـن جـو گـفتـو،
”ملي ئي نٿو ڪجهه“ ڪراڙن جو گفتـو،
”وٺي رهبـو سڀڪجهه“ جـوانـن جو گفتـو،
استاد بخاري
اٿُـيو هـاڻ گهوٻـو ۽ پـانـو اٿي پيـو،
ٻـنيءَ ساڻ گڏ ڪـارخـانـو اٿي پـيو،
ڏنــي اوڀ لـولي، جهَلي ڀونءِ جهولي،
مگـر چـيـلهه مـوڙي زمــانـو اٿُـي پـيو،
استاد بخاري
مڙس ٿي منصور چئو، نہ تہ ڪيم چئو منصور ھان
احوال سڀ اسرار جو، عشق کي آھي آيان
منصور جي منزل اتي، ڏاڍا تماچا تھمتان
سگھہ نہ جي ساري سگهين، منھن رکين تنھن تي متان
سچل