ڌرتي سان لاڳاپيل شاعري

دل جان جگر آهـي، وطــن جي ڌرتي،
نـيڻن جـي نـظر آهـي، وطــن جي ڌرتي،
هـر دُک جـي دوا آهي طبـيبـو، بـابـا –
اڪـسير اثـر آهـي، وطــن جي ڌرتي،

استاد بخاري

جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
پليت پير ڪري پري ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ

ابراھيم منشي

هڪ لاش لتاڙي رهڻو ٿئي
هونئن سنڌ نه سستي سهنجي آ
بندوق ڏسيندي آرڻ ۾
هيءَ ڌرتي آخر ڪنهنجي آ

حليم باغي

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ

حليم باغي

رستا روڊ بلاڪ سمورا باهيون ئي باهيون
ڄڻ ته اسان هِن ڌرتيءَ جا وارث ئي ناهيون

مشتاق ڦل

جُـتي برف ڏاڍي ۾ ڏاڍي ڄمي ٿــي،
اتــان ئـي ته دريــاهه وهنـدا ڏسـون ٿــا،
جتي چيچڪا کائـيُ ڌرتـي وڃي ٿـي،
اتـيـئـي ته گـجـگـاهه ڦٽـندا ڏسـون ٿــا،

استاد بخاري

هـي هيڏا وڏا ڪـوٽ، ڊهـي ئـي پـونـدا،
مـحلـن جا مٿيان چــوٽ، ڊهـي ئـي پـوندا،
ڪنهن وقت به ڌرتي جو ڪو ڌوڏو کاڌو،
گهورن تي چڙهيل گهوٽ، ڊهي ئـي پـونـدا،

استاد بخاري

انهيءَ تي اسان جي خدائي کُٽي
نه فردوس بهتر، نه باغ عدن،
جڏهن ڪُن چيائون اسان کي ملي
اِهائي ته ڌرتي، اِهو ئي ته ڌن.

شيخ اياز