ماڻھو سان لاڳاپيل شاعري

ڪنهن جو خيال ڪونهي،
دنيا جو حال ڪونهي.
سٽَ ڪُٽ نه آ حياتي،
ماڻهو پلال ڪونهي.

وفا ناٿن شاھي

نه ڪي ميرن سندا ماڻھو، نه ڪي پيرن جا پُوڄاري
اسان مظلوم ماڻھن سان، رھيا آھيون ۽ رھنداسون
نه ڪي دربان ڪنھن در جا، نه ڪريون ڪنھن جي ڪمداري
اسان حامي ته ھيڻن جا، رھيا آھيون ۽ رھنداسون

ابراھيم منشي

قومي غيرت واري جذبي کان خالي ڪردار
مان سمجهان ٿو سي ئي ماڻهو بزدل ۽ بيمار

مشتاق ڦل

سج به ساڳيو چنڊ به ساڳيو ساڳيا تارا يار
سوچيان ٿو ويا آخر ڪاڏي ماڻهو مڻيادار

مشتاق ڦل

مرد تنھنجون مجلسون، ناھن وسارڻ وس
جيئن ڪو ابر اڃين تي، وسي ڪري وس
راحت ھر ڪنھن روح لئه، تو رھاڻيون رس
اھڙا ماڻھو مس، صدين آھن سرجندا

ابراھيم منشي

آڌيءَ رات اُداسُ،اُن تي آرتيون آڱريون،
ماڻھوءَ ماڻھوءَ ماسُ،ڪوري آيو ڪِينَرو.

شيخ اياز