جـهونـڪا، طـوفان بـنبا؟ هو بنـجـن ٿـا پـيـا،
بــرپـٽ بـُسـتان بـنـبا؟ هو ڏس بنجـن ٿا پيا،
ناممڪن ڪجهه ڪو نه رهيو آ، او بـابـا،
سـپـنا، ساڀـيـان بـنبا؟ هو ڏس بنجـن ٿا پـيا،
استاد بخاري
جيون ڀانيان ٿو او جيڏا!
جذبن جي ڪا آھي جنگ،
جي جو سوريءَ سان ٿيو سنگ،
گولين کان ڪي گُسندا رھندا
آڪاش انصاري
هـن دور جـي دلـين۾ محبـــت پوکيو!
ڪلفت جا ڪڍي لاهه ۽ الفت پوکيو.
نـفرت کي ڏئي باهه، صـفائـي ڪريو،
رغبــت جو ڪري ريج، اخوت پوکيو.
استاد بخاري
هـي ظـلم جـا زنـجير، ٽـٽي ئـي پـونـدا،
۽ بـاهه – ڀـريل تـيـر، گـسـي ئـي پـونـدا،
پـرچاءُ ڪـندا مـون سـان ۽ تـوسان آخر،
هـي بخـت هـي تـقدير، رُسـي ئـي پـونـدا،
استاد بخاري
راتِ آهي اُماس، رُوحُ آهي اُداس
آھي ڏاڍي پياس، هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون
نفرتن جو نگرُ، بَند مسجد جو درُ
ڇو ٿيون دَربدر، هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون
امداد حسيني
وري چنڊ - پوپٽ ڇهن عا گلن کي،
گلابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.
هي جسمن جي گرمي ۽ ٿوري ڇهڻ سان،
حجابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.
سعيد ميمڻ