آءٌ جو آواز آهيان
زندگيءَ جو راز آهيان
ٿو وڃان مان دور تائين
موڙ جي موڙي سگهين

شيخ اياز

عقابيل اکين ۾ باري توکي بان
اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ ھڻيو مستان
جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين

لطيف

اي ڪراچي! مورڙي جي حوصلن جا داستان
اي ڪراچي! سـِـنڌ ۽ سنڌين جي عظمت جا نشان

آثم ناٿن شاھي

ساقي ڏي شراب سو، جيڪو ھجي ھستي ٽوڙ
پيئڻ سان جزوي عقل کي، وجھي نڪ ۾ نوڙ
ڏي ڪو تيلي ٻوڙ، جيڪو نشا چاڙھي نيھن جا

اعجاز شاھ راشدي

ٻيهارَ به ملنداسين
ڪنهن ڏُور ستاري تي
ٽيهارَ به ملنداسين

شيخ اياز

تلخ کان تلخ حالتُن کي هارايُم،
پنهنجن هٿان هار کائي وِيُس.
دُشمني شَهه ڏَئِي سگِهي نه ڪڏهن،
دوستي ۾ ئِي مار کائي وِيُس.

عزيز ڪنگراڻي

کرڪڻا لاھي، سک نہ ستا ڪڏھن
کاھوڙين آھي، آسرو پنڌ جو

لطيف

ڪنهن جو تختو نڪتل آهي
ڪنهن جو تخت وڃايل آهي،
مورڙيا ۽ مَڇَّ وڙهن ٿا
پاڻي رَتُّ رُلايل آهي؛

شيخ اياز

زندگي جي ذليل گھڙين ۾،
ضياءَ جي موت جي خبر آھين،
منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين،
تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.

آڪاش انصاري

جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو،
تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو ،
جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

آڪاش انصاري

سُپنن جي بازار لڳي آ
ميلو آ ويساکيءَ جو ڄَڻُ
موڙَ موڙَ تي سَوَ مَڌونتيون
من ماکارو ماکيءَ جو ڄَڻ

شيخ اياز

اٿُـيو هـاڻ گهوٻـو ۽ پـانـو اٿي پيـو،
ٻـنيءَ ساڻ گڏ ڪـارخـانـو اٿي پـيو،
ڏنــي اوڀ لـولي، جهَلي ڀونءِ جهولي،
مگـر چـيـلهه مـوڙي زمــانـو اٿُـي پـيو،

استاد بخاري