سنڌ سان لاڳاپيل شاعري
سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان
سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي سنڌ هُتي
ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ مان نه مگر ماڻهن سان
سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان
نارائڻ شيام
هر ڪرسيءَ، قلم، ڪتابن کان، سڀ مستين، ڪيفَ، حجابن کان،
ها ڳلڙن، گُل گُلابن کان، ۽ تنهنجي منهنجي خوابن کان،
سنڌ اوچي آ، سنڌ اوچي آ
اياز گل
سنڌ ٻڙڪي پئي، باھ ڀڙڪي پئي
دل ۾ دوزخ ٻري، اک ڦڙڪي پئي
ڌڻ ڌارين جا ڏسي، دل ڌڙڪي پئي
پوءِ به وانگين جي ويءِ، وائکي وڙڪي پئي
ابراھيم منشي
سنڌو سُڪو ۽ سنڌ سُڪي، ٻي ڳالھه آ سڀ بي طُقي
ڏيئڻو اَٿنان ڏيو اُٿي رت جي ٻَلي رت جي ٻُڪي
جھڪندا ائين ويندا جُھڪي ٿيئڻي ھئي سا ٿي چُڪي
اڃان وفاقن ور چڙھيا پوءِ سنڌ اوھان کان وئي اُڪي
ابراھيم منشي
مفلسي ۽ بُک بيماري ته ڏس
سنڌ جي ماڻهن جي لاچاري ته ڏس
هي، ڦُرون، اغوا، قتل غارتگري
رئيس ۽ ڌاڙيل جي ياري ته ڏس
مشتاق ڦل
اريـا به لـُٽيـرا هـا، لُـُٽي، لـُٽجـي ويـا،
تـرخـان، مـدد خان ڦري، ڦرجي ويـا.
هـي سنـڌ بـهرحال جئي پئـي، پئي جـيئندي،
ڪئين بار ڪٽڪ آيا، ڪٽي ڪٽجي ويا
استاد بخاري
جڏھن ھت ڪو ڌرتي ڌڪاريو نہ ھئو
تڏھن سنڌ ڌرتيءَ جون سارون ھيون
جڏھن ڪو بہ ڪانئر نہ ھو ڪرم ۾
تڏھن ھت ھنجن جون اڏارون ھيون
منصور قادر جوڻيجو
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ،
هي جيون جيون آهي ڇا، ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ.
حليم باغي
ھي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ
سو چئبو جيڪو چوڻو آ، ھڪ پير نه پُٺ تي ڀرڻو آ
تو مٽيءَ کي مَن مان ڏيان اي سنڌ امان اي سنڌ امان
ابراھيم منشي
تـنهنجي اک ۾ پتـلـي ناهـي، پٿري آهـي،
سـنڌ سـڙي پئـي تـنهنجي اک روئي به نٿـي،
تـنهنجي بـت ۾ رت جـي بـدلي ريـتي آهـي،
خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نٿي،
استاد بخاري
برابري سراسري اسان گھُرون ٿا ايتري
پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون ھيتري
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري
جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي
ابراھيم منشي
خـام آ، جنـهن جو به آهي هِـي خيال،
سـنڌ ٿيندي خـتم اڳ چالـيهه سال،
سـنڌ رهندي، سنڌي رهـندا شـاد بـاد،
بـند ڪـر افــواهه، ڌاريــــن جـا دلال،
استاد بخاري