صورت ۾ سيرِ ربي، سر سالڪن سڃاتو
ٻيا ڄاڻ سڀ وڃائي، ھڪ ڄاڻ تن ھي ڄاتو

اعجاز شاھ راشدي

تنهن ڪري هٿيار اُڇلي ٿو ڇڏيان
جيت منهنجي آهه منهنجيءَ هار ۾

وفا ناٿن شاھي

پاڪائي جو نمونو، راتيون عبادتن ۾
ذڪرِ خداونديءَ جو، قائل علي ولي آ

سرور نواز

هي ڪنهن جي سرگوشي آهي
”مؤنن ڀر تون ڪيسين رڙهندين؟
”تو وَٽ ڪو هٿيار نه آهي
”پو به وڙهين ٿو! ڪيسين وڙهندين؟“

شيخ اياز

اونداهين سان جا ويڙھ ٿي آ
انهيء ۾ منهنجو به ڪجھ حصو آ۔
توڙي جو سج چنڊ ڪي ٻيا ها۔
توڙي مٽيء جو مان ڪو ڏيئو هان۔

آصف جوڻو

اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تنهن سَرَ مٿي ھنجَڙا

لطيف

قهر جو ماڻهو هيو
شهر جو ماڻهو هيو
جو مليو سالن کان پوءِ
پهر جو ماڻهو هيو

وفا ناٿن شاھي

اريـا به لـُٽيـرا هـا، لُـُٽي، لـُٽجـي ويـا،
تـرخـان، مـدد خان ڦري، ڦرجي ويـا.
هـي سنـڌ بـهرحال جئي پئـي، پئي جـيئندي،
ڪئين بار ڪٽڪ آيا، ڪٽي ڪٽجي ويا

استاد بخاري

خاموشي جي گويائي کي، سمجھين ٿو ڪجھہ؟
خالق جي ھن تنھائي کي، سمجھين ٿو ڪجھہ؟
مرھم سان آ ويتر سور وڌي ويو جاني
زخمن جي ان گهرائي کي، سمجھين ٿو ڪجھ؟

دادن ثقلين لاشاري

ھڏ نہ ساھ سڌير، دل درماندي دوست ري
پائي وئي پرتِ جو، زوراور زنجير
جيءُ جسو جاگير، ھاڻي ملڪيت ھوت جي

لطيف

تـقدير ڏيـڻ سـاٿ نه ٿـي پـئـي چـاهـي،
تـدبـير به ظـاهـر ته بـچي ئـي نـاهـي.
تـوڙي جـو اڳـيان بـاهه پـٺيان پـاڻـي آهه،
پـر، واهه جـو ”امـيد“ به ڪا شـيءَ آهي!

استاد بخاري

مان سڻايان، سُڻين سڙي نه پوين.
هي قصو باهه جو حصو آهي.

استاد بخاري