او مڌ ماتا، ھوريان هل،
منزل آهي هر هڪ پل

شيخ اياز

چمن چم ۾ چٽي آ مينڌي،
هزار منظر حساب ڪونهي،
نهار ٿورو بهارِ مقتل،
رڳو ئي ڳاڙهو گلاب ڪونهي.

حليم باغي

اونداهين سان جا ويڙھ ٿي آ
انهيء ۾ منهنجو به ڪجھ حصو آ۔
توڙي جو سج چنڊ ڪي ٻيا ها۔
توڙي مٽيء جو مان ڪو ڏيئو هان۔

آصف جوڻو

پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي،
رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.

حليم باغي

ڏسي انقلابن کي سوريءَ تي ٽنگيل
نه ٿو ڪوئي اڳتي وڌي انقلابي

وفا ناٿن شاھي

قدم قدم تي ھجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا
ڪري ويو ڪير بارشِ مئہ، خمار آلود ٿيا زمانا

شيخ اياز

اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو،
اڄ وري زندان جو ٺھراءُ ٿيو.

شمشير الحيدري

محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسان
هوس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي

راشد مورائي

ساڏا شان تي ايمان علي اي
جنھن تي راضي رب رحمان، علي اي
ڪو مني نا مني او ٻگهيا ”سرور“
رب رسول ٻاجھون، شارحِ قرآن علي اي

سرور نواز

اٿ سانباهو ڪر مقتل ڏي
ٿو ساري رت شهيدن جو
هو ڪارونجھر جي ڪور مٿان
آ اڀريو سج اميدن جو

حليم باغي

دوڏا نه ڦاڙ غاصب،
حق آ، سوال ڪونهي!

وفا ناٿن شاھي

تنهن ڪري هٿيار اُڇلي ٿو ڇڏيان
جيت منهنجي آهه منهنجيءَ هار ۾

وفا ناٿن شاھي