رھيا اٿئي رات، صبح ويندي صابري
لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي
لطيف
نه جنت جون خواهشون دل ۾،
نه جهنم جون دهشتون دل ۾،
لمحي لمحي سٿيل رهيون سچ پچ،
بس امڙ جون ئي محبتون دل ۾.
عزيز ڪنگراڻي
سوچ ساگر ۾ صدين جي ماٺار آ،
جيون جي جر تي ويو سينور ڄمي،
ڪنھن به طوفان جو ڪونه آثار آ.
آڪاش انصاري
هي مذهب ماٺ ۾ سارا اسان جي عشق ڳالهايو
عقيدا ڪيڏا ويچارا اسان جي عشق ڳالهايو
ڪري طاغوت جي بيعت رهيا چپ صاحب منبر
انا الحق جا هڻي نعرا اسان جي عشق ڳالهايو
آصف جوڻو
جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو،
تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو ،
جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
آڪاش انصاري
ھن بيگانن جي بستيءَ ۾، ڪو ظالم آھي مستيءَ ۾
ھتي پُٺن اگھاڙا پاڻي لئه، حيران ھزارين وستيءَ ۾
ھُو چيٽ ڪتيون ويو چَٽ ڪري، ڪو چور وڏيرو چال ڪري
پوءِ ڍايل پيو نت ڍنگ ڪري، ھر روز حرامي ھستيءَ ۾
ابراھيم منشي
جڳ جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،
وڇوڙي ولهه رات ۾، سمهي پيا سوڳي،
هو راول، روڳي، رت روئي لڪ چڙهيا.
حليم باغي