مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا
ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي
حياتِ گريزان سرابِ مسلسل
ازل کان اڃائي ويا، ڪير سمجھي
شيخ اياز
مئين واندا، ميڏي اک واندي
ميڪون واندي اک اٽڪاوڻي اي
مئين ماندا، ميڏي دل ماندي
ميڪون ماندي دل وندراوڻي اي
استاد بخاري
مُلون وِڪڻي مذھب کي، پيٽ ڏس پاري پيو
پاڻ کريو کار مان پر، ٻار ٻيا کاري پيو
حرام مان حلال لئه ، ورق ڏس واري پيو
فتوى ڏيئي فتنه جون، ڏيھه ڏس ڏاري پيو
ابراھيم منشي
چنڊ! تون چئجان پرينءَ کي ايترو،
مدتن کان من اندر ماتام آ.
ڪيئن پرچايون ڀلا ھن پياس کي،
ھن ملڪ جو ھر ميڪدو ويران آ.
آڪاش انصاري
مـڃـيم، سـچ جـو سـج ۽ ٻــج آهين،
بـکئي لـئـه ڳـڀـو نـاهـين، او شــاعـري!
وڏي ڏات ٿــي ڏيهه کي زور ڏين پر،
نـنگي لـئـه لـٽو نـاهـين، او شــاعـري!
استاد بخاري
جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام،
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.
لطيف
ڪوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور
ڌارين ماڻهن جي دلداري نامنظور
ڌرتيءَ جي غدارن لئه جي گيت لکن
شاعر ليکڪ سي درٻاري نامنظور!
مشتاق ڦل