آ

آڪاش انصاري

پنھنجا

مڃيم! منھن ۾ ڌڪڙا، تون سيڪيندي سونھين! پر تن کي ڪندين ڪيئن؟ جي پنھنجي ھنيا پٺ ۾؟

- آڪاش انصاري
ڀاڙيو

پڇيو حيران ٿي مون ھاريءَ کان، ڪنھن ته آرڻ ھي اجاڙيا آھن؟ چيائين ڏوھ ناھي گدڙن جو، پنھنجي گھر جا ڪُتا ڀاڙيا آھن.

- آڪاش انصاري
جلاوطن

مُرڪ مون کان وئي کسي تنھن مُرڪ جو آھي قسم، جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي، ھر سُرڪ جو آھي قسم، پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن! مان ڪيئن رھان جلاوطن، مان ڪيئن رھان جلاوطن؟

- آڪاش انصاري
سپنا

ھڪ سپنو جنھنجي ساڀيان خاطر پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل سوين سپنن کي گھُٽا ڏئي اسان ماريو آ پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي جيئاريو آ

- آڪاش انصاري
ڪتبو

دوستو! ڪتبو ڏسو ٿا ته آئون ڪير آھيان؟ مان پنھنجي سنڌ جي مٽيءَ جو ننڍڙو ڊير آھيان، مان دين ڌرم جي دوکن کان دور دور رھيس، مان ماڻھپي جي منزلن ڏي کنيل پير آھيان.

- آڪاش انصاري
من

پنھنجي لاءَ ته او پاڳل من، کاٽونڀا ڀي کارا نڪتا، پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

- آڪاش انصاري
زندگي

زندگي جي ذليل گھڙين ۾، ضياءَ جي موت جي خبر آھين، منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين، تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.

- آڪاش انصاري
اکيون

اوھان جي اکين ۾ ڪي ارغون ھئا، اسان جي ھئي دل، سنڌ ڌرتيءَ جيان

- آڪاش انصاري
مڪلي

ڪنھن روپ ڪئي روح ۾ ريشم رفو گري، نه ته شام ويل مڪليءَ جو منظر ھجان ھا مان

- آڪاش انصاري
مسافر

سرءُ جي رات جي ڪنھن آخري تاري وانگر، ڦٽل ”پراڻ“ جي درياءَ جي ڪناري وانگر، تنھنجو آڪاش ھو اڻپورو، اڌورو، اجڙيل، رُڃن جي ماريل رولاڪ مسافر وانگر

- آڪاش انصاري
ملڻ

توسان چاھت ۽ چرپڻ به گھٽبا وڃن، دل جا آرا ۽ ارپڻ به گھٽبا وڃن، ۽ وڇوڙن ۾ ناھي رھيو وَلولو، يارَ جلدي ملو، يار جلدي ملو

- آڪاش انصاري
جلاوطن

ڀٽڪي پنھنجو دڳ وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجھه گگن، نه جنھن جو ڪوئي آھيرو، نه آشيانو ۽ چمن ، مان به پنھنجي ديس ۾، آھيان اڪليو اوپرو، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.

- آڪاش انصاري
پائڻ

متان تون سمجھين، توکي پائڻ لئه، اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو، ۽ تنھنجي مک کي منور ڪرڻ جي آس کڻي، اسان جو چاھ ڀي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو.

- آڪاش انصاري
منزل

اسان جو جڏھين خون خوشبو ٿي ايندو، ته ويڙھا وطن جا به واسي ڇڏيندو، جڏھين ٻارڙي ڪنھن، ڪئي ٻولي ٻاتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري
منزل

اسانجون ھي ٻانھون، اسان جو نگاھون، ازل کان لوچين ٿيون اھڙيون راھون، انھيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري
منزل

جڏھن منھنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جُھرندا، ٻَري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا، سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري
منزل

جڏھين وڏ ڦڙو ڪو ولھارن تي وسندو، مٿان پارڪر جي پنوھارن تي وسندو، نه رھندي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري
جذبا

جيون ڀانيان ٿو او جيڏا! جذبن جي ڪا آھي جنگ، جي جو سوريءَ سان ٿيو سنگ، گولين کان ڪي گُسندا رھندا

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ، جڏھين چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو، تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو ، جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا، جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا، جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو، تڏھين دور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو، جڏھين جيءُ جھورڻ ھي آيون جدايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري
بيقدر

تون ته بيدرد، بيقدر آھين! جيءَ ۾ پوءِ به جلوه گر آھين. پڇين ٿو حال! ”ڪيئن پئي گذري؟“ ڪيڏو سادو ۽ بي خبر آھين.

- آڪاش انصاري
خودڪشي

اڙي عشق! تو وٽ وري پيو اچان، خودڪشي، زندگيءَ کان پري آ اڃان، او سقراط! ھڪ سُرڪ جي ھا ڀرين، زندگيءَ جي زھر جي، مڃان ھا ميان!

- آڪاش انصاري
ڀاڳ

ڪوئي دل ۾ درد نه پوءِ به، نيڻن مان نيسارا نڪتا، پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

- آڪاش انصاري
وقت

وقت! تنھنجو ھي ورتاءُ، واجب نه ھو، گھايلن تي نئون گھاءُ، واجب نه ھو،

- آڪاش انصاري
نيڻ

جھار ھڪلڻ جُرم ٿي سمجھيو اوھان، بي مندا سڀ باغ پنھنجا ڀيل ٿيا. يا ته پنھنجا لڙڪ باغي ڪين ھا، يا ته پنھنجا نيڻ بنجي جيل پيا.

- آڪاش انصاري
مئڪدو

چنڊ! تون چئجان پرينءَ کي ايترو، مدتن کان من اندر ماتام آ. ڪيئن پرچايون ڀلا ھن پياس کي، ھن ملڪ جو ھر ميڪدو ويران آ.

- آڪاش انصاري
طوفان

سوچ ساگر ۾ صدين جي ماٺار آ، جيون جي جر تي ويو سينور ڄمي، ڪنھن به طوفان جو ڪونه آثار آ.

- آڪاش انصاري
خيال

خيالن جي ڌرتيءَ ۾ کارو سھي، ڪو ته کوھر ڦُٽي ذھن جي ھي زمين ڀل نه زرخيز ٿئي، ڪو ته ٿوھر ڦُٽي

- آڪاش انصاري
مڌ

مڌ ڪٽوريون تنھنجون مُرڪون، چپ به تنھنجا چاش، آخر ڪا ئي ڳالھه ته ھئي! جو پاڳل ٿيو آڪاش.

- آڪاش انصاري