اعجاز شاھ راشدي
سبحان تنھنجي صورت، قربان حسن وارا اللہ ياد ڏياريئي، احسان حسن وارا
صورت ۾ سيرِ ربي، سر سالڪن سڃاتو ٻيا ڄاڻ سڀ وڃائي، ھڪ ڄاڻ تن ھي ڄاتو
اڳيان ھن سيف ابرو جي، لکين ڌڙ سر جدا ٿي ويا حواس و ھوش پسپا ڪئين، ھنر حيلا خطا ٿي ويا
ساقي ڏي شراب سو، جيڪو ھجي ھستي ٽوڙ پيئڻ سان جزوي عقل کي، وجھي نڪ ۾ نوڙ ڏي ڪو تيلي ٻوڙ، جيڪو نشا چاڙھي نيھن جا
ھر ھنڌ پنھنجي حضور جو، شاھد مونکي نہ ڪر واعظ جي حد حساب جو، منڪر نہ ٿي پوان زمزون ادائون تنھنجون، ڏسي ڪافراڻيون ڪعبي کان منھن مٽي، ڪٿ ڪافر نہ ٿي پوان
لڳين ٿو پيار جي قابل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر موھي آ تو ڪيو مائل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر لڳائي جان جي بازي، سھائي سر بہ اي سھڻا ھميشہ لاءِ ڪبي حاصل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر
تماچي جي تڪئي تڙ تي، حسن جي ھاڪ ھولي ھئي. پساري پرت واري جي، اتي پلپل پرولي ھئي. نگاھون نيڻ پرڪيفي، نظارا ناز آرايون نرالي نينھن ناتي سان، نوري جي نور جھولي ھئي.