Under Development

HelloSindh is currently being updated. Some features may be temporarily unavailable.

آ

آصف جوڻو

ياد

منھنجو توڏي اچڻ، بي سبب نہ آ ياد جي تند، تو ڇڪي ھوندي ضرور

- آصف جوڻو
ڪارو ڪاري

اچو سنڌ اڏيون سمبارا جي ساڳي جتي ناچڻيون ڪڏهن ڪاريون نه ٿيون

- آصف جوڻو
عشق

ٻه سارون به تو کان سنڀاريون نه ٿيون اڪيلايون توکان گذاريون نه ٿيون هيڏي عشق ۾ ڪي صليبن تي ٽنگيا ۽ توکان وفائون به واريون نه ٿيون

- آصف جوڻو
جوش

مان پنهنجي جوهر ۾ معرڪو هان، سڃاڻو مون کي مان حوصلو هان۔ اي جنگجوؤ ! مون کي به نيئو، مان جوش آهيان مان ولولو هان۔

- آصف جوڻو
مٽي

اونداهين سان جا ويڙھ ٿي آ انهيء ۾ منهنجو به ڪجھ حصو آ۔ توڙي جو سج چنڊ ڪي ٻيا ها۔ توڙي مٽيء جو مان ڪو ڏيئو هان۔

- آصف جوڻو
مقتل

هي مقتلن ڏي سفر شعوري ڪيو اٿم اي تماش بينو۔ متان ڪو سمجهي ته ناگھاني ڪو واقعو هان ڪو حادثو هان۔

- آصف جوڻو
وطن

ڇڻيو جو زرد پن آهي نه ان جو ڪو وطن آهي۔ نه ان کي رت جياريندي ، نه ان جو ڪو چمن آهي۔

- آصف جوڻو
بک

ڇا هي رازق ايڏي مفلسي ٿو لکي؟ ٻار بکيو خدا ڏي چٺي ٿو لکي۔ صبح بک کان شروع،رات بک تي ختم۔ ڪير تقدير هيء اڌرنگي ٿو لکي؟

- آصف جوڻو
ڪافر

رب لکم دينکم ولي دين لکيو ڪافرن سان وڙهو اُمتي ٿو لکي سوچ تو جي ڏني، مون به پڇيو کڻي پوء ڇو فتويٰ ملو ڪفر جي ٿو لکي

- آصف جوڻو
باغي

هن صديءَ جو ڀوڳ هي سڀئي ٻڌو باغي آهي پر گهرن ۾ ٿو رهي

- آصف جوڻو
عشق

ڪجھ اکين ۽ ڪجھ چپن ۾ هو عيان جام هڪڙو ٻن حصن ۾ ٿو رهي سڏ ڪري مون کي پتنگن هي چيو عشق هيڏي ڏس مچن ۾ ٿو رهي

- آصف جوڻو
مقتل

مئخاني ۾ جيڪي به ھئا گڏ تو سان سي مدھوش ھئا. مئخاني کان ڪجھ اڳيان ئي مقتل ۾ مون سرفروش ڏٺا.

- آصف جوڻو
وار

وقت جي اڄ واڳ موڙي پوء اٿون۔ ڪي وفا جا علم کوڙي پوء اٿون۔ ها اڃا ڪجھ شام ڍلجي رات ۾۔ هوء پنهنجا وار ڇوڙي پوء اٿون۔

- آصف جوڻو
اکيون

مون اکين جي صحيفي تي آندو ايمان مان نه قائل ٻئي ڪنهن به دستور جو

- آصف جوڻو
منصور

ڪا نه گونجي انا الحق سندي ڪا سدا لاش لڙڪيو نه آ اڄ جي منصور جو جي نه موسيٰ ڪا تجلي ڏسڻ ها گهري ڇا ذڪر ڪو ڪري ها ڪڏهن طور جو؟

- آصف جوڻو
عشق

هي مذهب ماٺ ۾ سارا اسان جي عشق ڳالهايو عقيدا ڪيڏا ويچارا اسان جي عشق ڳالهايو ڪري طاغوت جي بيعت رهيا چپ صاحب منبر انا الحق جا هڻي نعرا اسان جي عشق ڳالهايو

- آصف جوڻو
وطن

جي ويڙھه لاء اُپاءُ ٿيندو ته پوء وطن جو دفاع ٿيندو جي سيني سامھون جي گهاو ٿيندو ته پوء وطن جو دفاع ٿيندو

- آصف جوڻو
قافلو

تو ختم شد لکيو منهنجي نالي پٺيان مون ته ساهي پٽي پئي ڪشالي پٺيان منهنجو نالو ئي اتساھ جو هو سبب قافلا پيا جڙي مون حوالي پٺيان

- آصف جوڻو
ھوا

هِتان جو شامل هُنن صفن ۾ وطن کان غافل هُنن صفن ۾ هي وقت پيرو کڻي ٻڌايو اوهان جو قاتل هُنن صفن ۾

- آصف جوڻو
اکيون

مڌ اکين مان، چپن مان ڪوثر ڏي هن دفعي هر دفعي کان بھتر ڏي برف جي ڏيھ جو مان ماڻهو هان باھ جھڙو گرم ڪو ڀاڪر ڏي

- آصف جوڻو
اکيون

واعظ ڪن تنهنجون اکيون محبت تي کين منهنجي اکين جو منبر ڏي

- آصف جوڻو
غلامي

نئون هي جو دستور لکجي پيو ٿو اسان لئه نئون سور لکجي پيو ٿو قلم آ جلادن جي هٿ ۾ اچي ويو غلامي جو منشور لکجي پيو ٿو

- آصف جوڻو
منصور

وري تاڻي بندوق بيعت گهرن پيا نئون ڪو ته عاشور لکجي پيو ٿو وري دار رونق گهري وحشتن کان لڳي ٿو ڪو منصور لکجي پيو ٿو

- آصف جوڻو