ا
اياز گل
نعرا
تون ئي سمجهي ڪين سگھين ٿو اي مورک، خاموشيءَ ۾ ڪيڏا نعرا جاڳن ٿا.
- اياز گل
ڪرفيو
تنهنجي يادن سوا ذهن پرين! ڪرفيوءَ ۾ بزار وانگي آ
- اياز گل
لڙڪ
توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري توکان پوء ڪير اسان جي، سپرين لھندو سار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
- اياز گل
پيار
ڪنهن پڇيو ڇا ڏٺو آهه تو پيار ۾؟ مون چيو”ٻيو چڱو ڇاهي سنسار۾“.
- اياز گل
سنڌ
هر ڪرسيءَ، قلم، ڪتابن کان، سڀ مستين، ڪيفَ، حجابن کان، ها ڳلڙن، گُل گُلابن کان، ۽ تنهنجي منهنجي خوابن کان، سنڌ اوچي آ، سنڌ اوچي آ
- اياز گل
دل
محبتون ڌاريو نه ڌاريو دوستؤ! پر دغا ڀي ڌاربي ناهي ڪڏهن. هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي، دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن.
- اياز گل
حساب
مڃان ٿو مون ۾، سڀئي عيب، ساريون ڪوتاهيون، وَرهين کانپوءِ مليو آن، اهي حساب نه ڪر
- اياز گل
خطاب
مسيحا!، سنڌ جي سورن جو ڪو علاج به ڳولِ رُڳو بيانَ نه ڏي ۽ رُڳو خطاب نه ڪر
- اياز گل