اياز گل جي شاعري

تنهنجي يادن سوا ذهن پرين!
ڪرفيوءَ ۾ بزار وانگي آ

اياز گل

محبتون ڌاريو نه ڌاريو دوستؤ!
پر دغا ڀي ڌاربي ناهي ڪڏهن.
هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي،
دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن.

اياز گل

تون ئي سمجهي ڪين سگھين ٿو اي مورک،
خاموشيءَ ۾ ڪيڏا نعرا جاڳن ٿا.

اياز گل

مڃان ٿو مون ۾، سڀئي عيب، ساريون ڪوتاهيون،
وَرهين کانپوءِ مليو آن، اهي حساب نه ڪر

اياز گل

توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
توکان پوء ڪير اسان جي، سپرين لھندو سار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري

اياز گل

مسيحا!، سنڌ جي سورن جو ڪو علاج به ڳولِ
رُڳو بيانَ نه ڏي ۽ رُڳو خطاب نه ڪر

اياز گل

ڪنهن پڇيو ڇا ڏٺو آهه تو پيار ۾؟
مون چيو”ٻيو چڱو ڇاهي سنسار۾“.

اياز گل

هر ڪرسيءَ، قلم، ڪتابن کان، سڀ مستين، ڪيفَ، حجابن کان،
ها ڳلڙن، گُل گُلابن کان، ۽ تنهنجي منهنجي خوابن کان،
سنڌ اوچي آ، سنڌ اوچي آ

اياز گل