ايوب کوسو جي شاعري

چاھيان ٿو ڪا رڙ لکان مان
نفرت جي اوگهڙ لکان مان

ايوب کوسو

بي خوف ڪھاڙي جو سڏ آ
محبوب! پڇاڙي جو سڏ آ
سڀ ھلنداسين ڪنھن مقتل ڏي
تاريخ اگهاڙيءَ جو سڏ آ

ايوب کوسو

دل مُسافر خاڪ ڏي هَلجي کڻي،
هَل، وڃايل ڪاڪ ڏي هَلجي کڻي.

ايوب کوسو

شھرن مزاج بدليا، خنجر وڪامجي ويا
گل ڪونہ ڪنھن خريديا، پٿر وڪامجي ويا

ايوب کوسو

تو ڇا ته ڏٺو آ اربيلا،
اي چنڊ ٻُڌا هِن ويڙهي ۾!
ڪنهن ذلف ورايا شامن جو،
ڪنهن وسڪارن جي چيچ جھلي؟

ايوب کوسو