ع

عزيز ڪنگراڻي

زندگي

زندگي سارِي رف منجھان گُذرِي، درد جي روز رش منجھان گُذرِي. حوصلن جا هشام ڀاڪُر ۾ عزيز- توڙي دل ڪشمڪش منجھان گُذرِي.

- عزيز ڪنگراڻي
دوستي

تلخ کان تلخ حالتُن کي هارايُم، پنهنجن هٿان هار کائي وِيُس. دُشمني شَهه ڏَئِي سگِهي نه ڪڏهن، دوستي ۾ ئِي مار کائي وِيُس.

- عزيز ڪنگراڻي
نئون سال

هر سال پِتي ۾ پٿرِي جهڙو، اک ۾ اٽڪيل ڪُڪَرِي جهڙو، او ديس دُکايل نئون سال مبارڪ- چوندي ڀانيُم ڪَڪَرِي جهڙو.

- عزيز ڪنگراڻي
سونھن

ڏاڍي ٿڌي پر ڏاڍي ڏُکي پڻ، تون ڄڻ گورک ٽڪري آهين. روز هوا جو رقص ڳلين ۾، سونهن سُروپ جي نگري آهين.

- عزيز ڪنگراڻي
قوم

قوم هڪڙي ديس هڪڙو سوچجي، ۽ ثقافت ويس هڪڙو سوچجي، تيلو تيلو ٿي وڃون نه ايئن عزيز – جوڙجي ڪو بيس هڪڙو سوچجي.

- عزيز ڪنگراڻي
دوست

دوست جي دلبري جهٽي وٺجي، پر ڪو آڱر کڻي ڪٽي وٺجي، جو مُڙيو سو عزيز گيدِي آ- جا بڪي ڄڀ سا پٽي وٺجي.

- عزيز ڪنگراڻي
موت

زندگي ۾ عذاب ملندا هِن، پر بُٺيءَ تي گلاب ملندا هِن، ڪهڙو دستور آ دنيا جو عزيز- موت کان پوءِ خطاب ملندا هِن.

- عزيز ڪنگراڻي
زندگي

تعزيتي ميڙ اڄ سڏايو پيا، ٻارها ورسيون ملهايو پيا، زندگي ڀر عذاب مان گذريو- قبر کي خوبتر سجايو پيا.

- عزيز ڪنگراڻي
قلم

هڪٻئي کان ڪنارا گهڻو ڏُور ها، زندگي جي ندي مان تَرِي پار پيس. وقت فرعون هو مان نه موسى سهي، پر قلم جي ڇَڙِي سان سُرِي پار پيس.

- عزيز ڪنگراڻي
زندگي

لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ، تون نه آئينءَ دفن ٿيڻ کانپوءِ، جي اچين ها ڪيان آجيان ها عزيز- زندگيءِ جي مان سج لهڻ کانپوءِ.

- عزيز ڪنگراڻي
جنت

نه جنت جون خواهشون دل ۾، نه جهنم جون دهشتون دل ۾، لمحي لمحي سٿيل رهيون سچ پچ، بس امڙ جون ئي محبتون دل ۾.

- عزيز ڪنگراڻي
وقت

وقت هر پل ڏنگيو بلا وانگي، حوصلو ماءُ جي دعا وانگي، ننڊ جو وير ڄڻ ته ڪاريهر_ درد اوڙهي ڇڏيُم رِدا وانگي.

- عزيز ڪنگراڻي
سال

دردن جو ڏنو تحفو، هِن سال به پر سال به، دردن کي ڪندي دارُون_ ماضي به رهيو حال به.

- عزيز ڪنگراڻي
نفرت

روز مونکي جي نفرتون ڏيندين، موٽ ۾ توکي مان محبتون ڏيندس، تون ڪَلِيُن ۾ عزيز ڀل ڪَلُوڙا وجهه- مان ته توکي پيو امرتون ڏيندس.

- عزيز ڪنگراڻي
نيڻ

کنوڻ هو ٻانهُن جو گهيرو وِڄُ نيڻن جي نهار، ساوڻيءَ جون بارشُون هو پيار پنهنجو بيقرار، رُوح ۾ اوتيون رنگينيون تو ملي ٿي روز روز_ تون نه آهين اڄ به تنهنجو انڊلٺي آ انتظار.

- عزيز ڪنگراڻي