عزيز ڪنگراڻي
زندگي سارِي رف منجھان گُذرِي، درد جي روز رش منجھان گُذرِي. حوصلن جا هشام ڀاڪُر ۾ عزيز- توڙي دل ڪشمڪش منجھان گُذرِي.
تلخ کان تلخ حالتُن کي هارايُم، پنهنجن هٿان هار کائي وِيُس. دُشمني شَهه ڏَئِي سگِهي نه ڪڏهن، دوستي ۾ ئِي مار کائي وِيُس.
هر سال پِتي ۾ پٿرِي جهڙو، اک ۾ اٽڪيل ڪُڪَرِي جهڙو، او ديس دُکايل نئون سال مبارڪ- چوندي ڀانيُم ڪَڪَرِي جهڙو.
ڏاڍي ٿڌي پر ڏاڍي ڏُکي پڻ، تون ڄڻ گورک ٽڪري آهين. روز هوا جو رقص ڳلين ۾، سونهن سُروپ جي نگري آهين.
قوم هڪڙي ديس هڪڙو سوچجي، ۽ ثقافت ويس هڪڙو سوچجي، تيلو تيلو ٿي وڃون نه ايئن عزيز – جوڙجي ڪو بيس هڪڙو سوچجي.
دوست جي دلبري جهٽي وٺجي، پر ڪو آڱر کڻي ڪٽي وٺجي، جو مُڙيو سو عزيز گيدِي آ- جا بڪي ڄڀ سا پٽي وٺجي.
زندگي ۾ عذاب ملندا هِن، پر بُٺيءَ تي گلاب ملندا هِن، ڪهڙو دستور آ دنيا جو عزيز- موت کان پوءِ خطاب ملندا هِن.
تعزيتي ميڙ اڄ سڏايو پيا، ٻارها ورسيون ملهايو پيا، زندگي ڀر عذاب مان گذريو- قبر کي خوبتر سجايو پيا.
هڪٻئي کان ڪنارا گهڻو ڏُور ها، زندگي جي ندي مان تَرِي پار پيس. وقت فرعون هو مان نه موسى سهي، پر قلم جي ڇَڙِي سان سُرِي پار پيس.
لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ، تون نه آئينءَ دفن ٿيڻ کانپوءِ، جي اچين ها ڪيان آجيان ها عزيز- زندگيءِ جي مان سج لهڻ کانپوءِ.
نه جنت جون خواهشون دل ۾، نه جهنم جون دهشتون دل ۾، لمحي لمحي سٿيل رهيون سچ پچ، بس امڙ جون ئي محبتون دل ۾.
وقت هر پل ڏنگيو بلا وانگي، حوصلو ماءُ جي دعا وانگي، ننڊ جو وير ڄڻ ته ڪاريهر_ درد اوڙهي ڇڏيُم رِدا وانگي.
دردن جو ڏنو تحفو، هِن سال به پر سال به، دردن کي ڪندي دارُون_ ماضي به رهيو حال به.
روز مونکي جي نفرتون ڏيندين، موٽ ۾ توکي مان محبتون ڏيندس، تون ڪَلِيُن ۾ عزيز ڀل ڪَلُوڙا وجهه- مان ته توکي پيو امرتون ڏيندس.
کنوڻ هو ٻانهُن جو گهيرو وِڄُ نيڻن جي نهار، ساوڻيءَ جون بارشُون هو پيار پنهنجو بيقرار، رُوح ۾ اوتيون رنگينيون تو ملي ٿي روز روز_ تون نه آهين اڄ به تنهنجو انڊلٺي آ انتظار.