دادن ثقلين لاشاري جي شاعري
خاموشي جي گويائي کي، سمجھين ٿو ڪجھہ؟
خالق جي ھن تنھائي کي، سمجھين ٿو ڪجھہ؟
مرھم سان آ ويتر سور وڌي ويو جاني
زخمن جي ان گهرائي کي، سمجھين ٿو ڪجھ؟
دادن ثقلين لاشاري
ھتي ڏوھي کي چھبڪ جا بہ پئسا پاڻ ڀرڻا آھن
اوھان جي شھر ۾ دادن، سزا ڏاڍي مھانگي آ
دادن ثقلين لاشاري
کڻي ھٿ حاڪمن لئہ ٿو، ھو داعي دين جو جيڪو
فقيرن لئہ گهري ڀي ڪئن، دعا ڏاڍي مھانگي آ
اميرن جي وڏين ماڙين، آ منھنجي واءُ کي روڪيو
پُڄي جھوپن تي آخر ڪئن، ھوا ڏاڍي مھانگي آ
دادن ثقلين لاشاري
گل فروش ھن سارا، باغبان ڪو ناھي
ھن اُجاڙ نگريءَ تي مھربان ڪو ناھي
رت آ لڳل ڀت تي ۽ وڍيل ڪي عضوا ھِن
پر پڄائيُ قاتل تي، سو نشان ڪو ناھي
دادن ثقلين لاشاري
انا اچي ٿي ڪٿي اسان کي
اسين تہ آھيون مٽيءَ جا ماڻھو
مٽيءَ سان کيڏون، مٽي سان سرچون
مٽي ٿا پايون، مٽي جا ماڻھو
دادن ثقلين لاشاري