د

دادن ثقلين لاشاري

قاتل

گل فروش ھن سارا، باغبان ڪو ناھي ھن اُجاڙ نگريءَ تي مھربان ڪو ناھي رت آ لڳل ڀت تي ۽ وڍيل ڪي عضوا ھِن پر پڄائيُ قاتل تي، سو نشان ڪو ناھي

- دادن ثقلين لاشاري
دين

منھنجي دنيا کي رھڻ ڏي سک سان دين لئہ ڏِس جھان ٻي ڪنھن جو

- دادن ثقلين لاشاري
دوست

دوست داناءُ ٿي ويو آھي پٺَ ۾ گهاءُ ٿي ويو آھي

- دادن ثقلين لاشاري
مٽي

انا اچي ٿي ڪٿي اسان کي اسين تہ آھيون مٽيءَ جا ماڻھو مٽيءَ سان کيڏون، مٽي سان سرچون مٽي ٿا پايون، مٽي جا ماڻھو

- دادن ثقلين لاشاري
ھوا

کڻي ھٿ حاڪمن لئہ ٿو، ھو داعي دين جو جيڪو فقيرن لئہ گهري ڀي ڪئن، دعا ڏاڍي مھانگي آ اميرن جي وڏين ماڙين، آ منھنجي واءُ کي روڪيو پُڄي جھوپن تي آخر ڪئن، ھوا ڏاڍي مھانگي آ

- دادن ثقلين لاشاري
سزا

ھتي ڏوھي کي چھبڪ جا بہ پئسا پاڻ ڀرڻا آھن اوھان جي شھر ۾ دادن، سزا ڏاڍي مھانگي آ

- دادن ثقلين لاشاري
ڪھاڙي

ڪيترا گهاوَ ھا ڪُھاڙي تي ھئي وھي بي گناھ ڄاڙيءُ تي

- دادن ثقلين لاشاري
زخم

خاموشي جي گويائي کي، سمجھين ٿو ڪجھہ؟ خالق جي ھن تنھائي کي، سمجھين ٿو ڪجھہ؟ مرھم سان آ ويتر سور وڌي ويو جاني زخمن جي ان گهرائي کي، سمجھين ٿو ڪجھ؟

- دادن ثقلين لاشاري