حليم باغي
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾، سدائين نشان تي سدا امتحان ۾. ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي. ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾.
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ، هي جيون جيون آهي ڇا، ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ.
ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو، جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ، پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.
قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا، هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو، جلاد جي لئه مجبوري آ
اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ
اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي، اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون. تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي، وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون.
هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي موسم، هي تعزير جي رُت، وفائن جي موسم. جا هلندي ئي بدلي، جا کِلندي ئي مٽجي، سا تنهنجي اکين جي، ادائن جي موسم.
جي جلندو ته جھونا ڳڙهه هاڻ جلندو، آ چارڻ جي چت ۾ چِتائن جي موسم.
اڙي زندان ۾ واڙيل سرنھن ڦولارجي وئي آ، ۽ تنھنجي ڪنٺ ۾ ڦاٿل ڪو نغمو ئي ڦٽو ناھي.
مري ڀي نه ملندو اسان کي قرار، اسان کان پوءِ ٿڏبا اسان جا مزار.
هي لڙڪن جو سيلاب ڇا ساٿ ڏيندو، چون ٿا سياري جي شب ڀي ڊگهي آ.
اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ، چپن جي رڦڻي هتي جرم آ، اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.
اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين، اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين، طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.
چمن چم ۾ چٽي آ مينڌي، هزار منظر حساب ڪونهي، نهار ٿورو بهارِ مقتل، رڳو ئي ڳاڙهو گلاب ڪونهي.
رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا، اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
ڄامشوري جي ڪوئل تون آن ڇوڪري بند وسڪيءَ جي بوتل تون آن ڇوڪري.
سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي. هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي
هڪ لاش لتاڙي رهڻو ٿئي هونئن سنڌ نه سستي سهنجي آ بندوق ڏسيندي آرڻ ۾ هيءَ ڌرتي آخر ڪنهنجي آ
اٿ سانباهو ڪر مقتل ڏي ٿو ساري رت شهيدن جو هو ڪارونجھر جي ڪور مٿان آ اڀريو سج اميدن جو
مون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو، هن جوءُ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو مون تو کي ڏسندي پرکيو هو، تون ڀٽڪيل روح بلاول جو
پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي، رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.
هاءِ اسان جو روڳي منڙو هاءِ اسان جو پاڳل منڙو واچوڙن ۾ الجھي اڏري جيئن پپل جو ڇڻيل پنڙو.
جڳ جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي، وڇوڙي ولهه رات ۾، سمهي پيا سوڳي، هو راول، روڳي، رت روئي لڪ چڙهيا.
تون جو منهنجي ناگريءَ، هلي آئيو آن، ڀلي آيو آن، جوڳي توکي جيءَ چوان.
وڳو گل ورن، تو جو پاتو تن تي، سڀ ڪنهن نيڻ ٺرن، سڀڪو من سڌير ٿئي.
ڌوڙ به وسن ڌوڙيا، مٿان تپن ڏينهن، اسان وسندي مينهن، سامي سڙندي ئي ڏٺا!
منهنجيءَ چوليءَ جيءَ، ”هرمچ“ توکي هيئن چيو: ”منهنجو ٿيءَ نه ٿيءَ، آءٌ ته تنهنجي آهيان“.
هي جي جاڙا وڻ، بيٺا ان ڀڙي مٿان، ويا واريءَ تڻ، پوکڻ وارا هٿرا.
سفيدن جيءَ ڇانوَ ۾، سورج لٿو پئي، دلڙي ايئن چئي، ڄامشورو ڪيئن ڇڏيون.
تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند، هن اڻ هوند ۾ ڀي آڇينديون، اکڙيون ڳوڙهن بوند.
تو ڏي ايندڙ هر ڪو رستو، ڦاسيءَ گهاٽ تي آيو، او آزادي! پر متوالن، ڀيرو ڪونه وڃايو.
ڳولي ڌرتيءَ چار طنابون، ڍونڍي روءِ زمين، پئسي وارا پيار ڇا ڄاڻن؟ يار ڪبو مسڪين.