حليم باغي جي شاعري
تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند،
هن اڻ هوند ۾ ڀي آڇينديون، اکڙيون ڳوڙهن بوند.
حليم باغي
اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ
حليم باغي
چمن چم ۾ چٽي آ مينڌي،
هزار منظر حساب ڪونهي،
نهار ٿورو بهارِ مقتل،
رڳو ئي ڳاڙهو گلاب ڪونهي.
حليم باغي
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾،
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾.
ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي.
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾.
حليم باغي
اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين،
اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين،
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟
اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.
حليم باغي
جڳ جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،
وڇوڙي ولهه رات ۾، سمهي پيا سوڳي،
هو راول، روڳي، رت روئي لڪ چڙهيا.
حليم باغي
مون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو،
هن جوءُ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو
مون تو کي ڏسندي پرکيو هو،
تون ڀٽڪيل روح بلاول جو
حليم باغي
اٿ سانباهو ڪر مقتل ڏي
ٿو ساري رت شهيدن جو
هو ڪارونجھر جي ڪور مٿان
آ اڀريو سج اميدن جو
حليم باغي
منهنجيءَ چوليءَ جيءَ، ”هرمچ“ توکي هيئن چيو:
”منهنجو ٿيءَ نه ٿيءَ، آءٌ ته تنهنجي آهيان“.
حليم باغي
هاءِ اسان جو روڳي منڙو
هاءِ اسان جو پاڳل منڙو
واچوڙن ۾ الجھي اڏري
جيئن پپل جو ڇڻيل پنڙو.
حليم باغي
قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا،
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو، جلاد جي لئه مجبوري آ
حليم باغي
ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو،
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ، پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.
حليم باغي
هڪ لاش لتاڙي رهڻو ٿئي
هونئن سنڌ نه سستي سهنجي آ
بندوق ڏسيندي آرڻ ۾
هيءَ ڌرتي آخر ڪنهنجي آ
حليم باغي
پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي،
رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.
حليم باغي
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ،
هي جيون جيون آهي ڇا، ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ.
حليم باغي
هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي موسم،
هي تعزير جي رُت، وفائن جي موسم.
جا هلندي ئي بدلي، جا کِلندي ئي مٽجي،
سا تنهنجي اکين جي، ادائن جي موسم.
حليم باغي
اکيون به باندي رڳون به باندي،
پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ،
اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.
حليم باغي
سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.
هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون
جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي
حليم باغي
اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي،
اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون.
تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي،
وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون.
حليم باغي