ابراھيم منشي
جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو
جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو
دودي ڏنو داد، راھو تنھنجي رت کي فاضل زنده باد، سنڌ ڄڻي پئي سُورما
سنڌوءَ سينڌ سنڌور راھو رات ڀري ويو پل نه ھڪ پاسي ٿيو، ڪنا ڏوٿين ڏور ماڻھن ۾ مذڪور، ته راھو رڃ ڪري ويو
تنھنجي جي محبت ۾ مٺا اڄ داغ دل تي ٿيا نوان اچ اچڻ جي مھل آھي ٿو وڃي ھي ڪاروان
برابري سراسري اسان گھُرون ٿا ايتري پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون ھيتري آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي
نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي
جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ، پليت پير ڪري پري ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ
جن ھنيا ٿي حق جا ھوڪا، سي ڦِري ڦورُو ٿيا بس رنڊيءَ جي راڳ تي گانا به افسانه ٿيا ڏس دنيا جي دور ۾ دانا به ديوانا ٿيا راز جا ھمراز ٿي، سورن جا سامان ٿيا
ھي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ سو چئبو جيڪو چوڻو آ، ھڪ پير نه پُٺ تي ڀرڻو آ تو مٽيءَ کي مَن مان ڏيان اي سنڌ امان اي سنڌ امان
مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان باغي آھيان
مون جي ڏکيا ڏينھڙا، قيدن ۾ ڪاٽيا لڱ ته لوساٽيا، پر آئي منزل اوڏڙي
جيل جاڳائي جوت، جيڪا منھنجي جيءَ ۾ مات ڪري تنھن موت، ڏنا جُڳ جيئَڻ جا
مون جي گھاريا جيل ۾، ڏکن ڀريا ڏينھن تن ئي منھنجو نينھن، نکاري نئون ڪيو
پيئي مون پرک، جيل جاٽيندي جيڏڙا زندانن ضمير کي، لوڏيو ڀيرا لک اُڏريا ڪانا ۽ ڪک، جبل پنھنجي جاءِ تي
ڪارندا قبر لئه، ڪانوُ ويا ڪڇي ڪاري ڪنھن اڇي، موٽايو نه موت کي
موت آھي ماڙھوئا، مٿي کان مٿي آوَس اھي اچڻو، اُڀرئي يا لٿي جھان جي جٿي، ھر ڪنھن آ ھرکائيو
متان ڊڄين موت کان، موت نه آھي موت جِيءَ جنين جي جوت، سي جسم ري جيئرا رھيا
تو ته نه ڪڏھن چکيون قم ھتي ڪوڻيون تڏھن تو نه آئيون سنڌوءَ ساروڻيون
ناھي پنڌ پري، اڄ پير ڀري، ھي اکڙيون ويٺيون آس ڪري ھيڪر ته حياتيءَ منجھه ملون، پوءِ ڪير جيئي ۽ ڪير مري
جُھولي جھنڊي واري ڪار سيٽون ٽي ۽ چمچا چار
ھن بيگانن جي بستيءَ ۾، ڪو ظالم آھي مستيءَ ۾ ھتي پُٺن اگھاڙا پاڻي لئه، حيران ھزارين وستيءَ ۾ ھُو چيٽ ڪتيون ويو چَٽ ڪري، ڪو چور وڏيرو چال ڪري پوءِ ڍايل پيو نت ڍنگ ڪري، ھر روز حرامي ھستيءَ ۾
نه ڪي ميرن سندا ماڻھو، نه ڪي پيرن جا پُوڄاري اسان مظلوم ماڻھن سان، رھيا آھيون ۽ رھنداسون نه ڪي دربان ڪنھن در جا، نه ڪريون ڪنھن جي ڪمداري اسان حامي ته ھيڻن جا، رھيا آھيون ۽ رھنداسون
ھتي ٿي ظلم جي انتھا آھي ، ته اڄ آھي سؤ فيصد سچ کي سزا آھي، ته اڄ آھي مدد، نادر، ھلاڪو جو شرم کان، ڪنڌ جھڪيل آھي قدم قدم تي ٿي ڪربلا آھي، ته اڄ آھي
مُلون ويري مذھب جو، مڙني کان مٿي خيرات ۽ زڪوات کي، ڪِٿان ٿو ڪَٿي پورھيت اونو پيٽ جو، پيو پورن ۾ پچي ھن مال ملي مفت ۾، اُڀرئي يا لٿي
مُلون وِڪڻي مذھب کي، پيٽ ڏس پاري پيو پاڻ کريو کار مان پر، ٻار ٻيا کاري پيو حرام مان حلال لئه ، ورق ڏس واري پيو فتوى ڏيئي فتنه جون، ڏيھه ڏس ڏاري پيو
سنڌ ٻڙڪي پئي، باھ ڀڙڪي پئي دل ۾ دوزخ ٻري، اک ڦڙڪي پئي ڌڻ ڌارين جا ڏسي، دل ڌڙڪي پئي پوءِ به وانگين جي ويءِ، وائکي وڙڪي پئي
سنڌو سُڪو ۽ سنڌ سُڪي، ٻي ڳالھه آ سڀ بي طُقي ڏيئڻو اَٿنان ڏيو اُٿي رت جي ٻَلي رت جي ٻُڪي جھڪندا ائين ويندا جُھڪي ٿيئڻي ھئي سا ٿي چُڪي اڃان وفاقن ور چڙھيا پوءِ سنڌ اوھان کان وئي اُڪي
تون تاج محل جي آھين طوطي ڀل چُونڊ چُڳڻ لئه تون موتي تون تارا ڪڍي ڀل کاءُ اکين جا مون لئه ڪافي آ تنھنجي جوتي
محبت ڪونھي مُل، قيمت پُڇي ڇا ڪندين سھڻي، ساھڙ وچ ۾، پيار آھي پُل قيمت پُڇي ڇا ڪندين
عشق ري انسان اڌورو، ڀُلجي نه ڪجئين ڀُل قيمت پُڇي ڇا ڪندين منشي تي محبت سندي، جُھلي آئي جُھل قيمت پُڇي ڇا ڪندين
راھو تنھنجا رنگ، مون ڏٺا، مون ڄاڻ توريءَ وانگين ويڙھ ۾، وِلھا ٿيا وٿاڻ ٽوڙيندي ٽُٽي وئين، منجھان ڏوٿين ڏاڻ اڳيان جابر آڻ ، ڪُونڌر مڃيئي ڪانه ڪا
راھو تنھنجا رنگ، مون ڏٺا مون خبرون چُرندو رھندو چئني ڏِسيين، تنھنجو چوريل چنگ لاٿا تو لتون ھڻي، ويڙھيچن تان ونگ جاني تنھنجي جنگ، جاري رھندي جڳ ۾
اُميدون انبار، مارو کڻي من ۾ ٻُڌندڙ کي ٻڌائيون ٿي، سورن سماءَ چار ماندو سدا مدد لئه، پنھنجي پھچ اَھار بانڪي کنيا بار، سانگين سوراتن جا
مرد تنھنجون مجلسون، ناھن وسارڻ وس جيئن ڪو ابر اڃين تي، وسي ڪري وس راحت ھر ڪنھن روح لئه، تو رھاڻيون رس اھڙا ماڻھو مس، صدين آھن سرجندا
راھو تنھنجي رت ۾، مينديءَ جي مھڪ ڪيڏا ھي ڪٽڪ، لٿا تنھنجي لوءِ تي
آيو المناڪ، واقعو ويڙھيچن تان جھانگيئڙن جھوري وڌو، فاضل جي فراق ڪيڏو منجھند ٽاڪ، ڪاڙھو رھيو قوم ۾
ڪولھي، ڀيل ڪاوڙيا، ڏاڍو مٿي ڏاڍ فاضل ساڻ فراڊ، ڪھاڙي ڪيڏو ڪيو
راھو سڄي راڄ جو، روُحان ھو راکو ڦلاڻي لاکو، سر ڏيئي ويو سنڌ تان
اچڻ منھنجو وڃڻ تنھنجو، مرڻ منھنجو ، وڃڻ تنھنجو ستمگر ٿي ستم ڪر تون، پيو سھندس سڄڻ تنھنجو
بي سبب بلبل نھاري باز کي آ ھٿ ڪيو دير ٿي دمسات جي طعام مون تيار ڪيو شوق اھڙي مان سدائين ڪن شھزادا ٿا شڪار جت ڪُٺو سو اُت ڇٽو ري تبر تلوار ڪيو