خ

خليل ڪنڀار

بدن

اسان تہ تنھنجي بدن مان پنھنجو حسين ڪيڏو وطن تراشيو ھوا ۾ تنھنجو رئو اڏاري اسان تہ پنھنجو گگن تراشيو

- خليل ڪنڀار
وطن

پاڻ ۾ مھڪيون ڳليون، پاڻ ۾ مرڪيو وطن پاڻ لاءِ ميھڙ اندر، ڏار مينديءَ جيئن وطن

- خليل ڪنڀار
موت

ٻليا تو ۾ ٻل ئي ڪھڙو! تو وٽ موت اجل جون ڳالھيون تون آن ڦورو، ڌاڙا مارين! تو وٽ سون پتل جو ڳالھيون

- خليل ڪنڀار
وڻجارو

سارو جوڀن اونداھ جھڙو جنھن ۾ ڪوئي ڏيئو ڪونھي آئون اڀاڳڻ اھڙي آھيان ورندو جنھن جو وڻجارو ڪونھي

- خليل ڪنڀار
ڳوڙھا

ڳوڙھن ھاڻا ڳل ھي تنھنجا ڪنھن کي ورئي سارين ٿي تون ڪير ھنيئين تي اُڊڪي آيئي ڪھڙا پل سڀارين ٿي تون

- خليل ڪنڀار
ويد

ويدن منجھہ سمايل تون، گيتن منجھہ بہ ڳايل تون ڌرتي دز ڪندو ڪو گهوڙو، ائين امالڪ ايندين تون

- خليل ڪنڀار
باندي

ڀونڊو آھي منھن مٿان باندي آھيون صدين کان

- خليل ڪنڀار
ندي

نديءَ کي چيلھ تي آيا، سدا ھو وار سھڻي جا نديءَ کي نينگرين ھوڏيو، نديءَ ڪيا آر جوڀن جا

- خليل ڪنڀار
ندي

نديءِ جو سمنڊ نيري سان، سدا ھو سڪ جو ناتو نديءَ کي ڀر تي بيھي، مھاڻي واھ جو ڳاتو

- خليل ڪنڀار