خليل ڪنڀار
اسان تہ تنھنجي بدن مان پنھنجو حسين ڪيڏو وطن تراشيو ھوا ۾ تنھنجو رئو اڏاري اسان تہ پنھنجو گگن تراشيو
پاڻ ۾ مھڪيون ڳليون، پاڻ ۾ مرڪيو وطن پاڻ لاءِ ميھڙ اندر، ڏار مينديءَ جيئن وطن
ٻليا تو ۾ ٻل ئي ڪھڙو! تو وٽ موت اجل جون ڳالھيون تون آن ڦورو، ڌاڙا مارين! تو وٽ سون پتل جو ڳالھيون
سارو جوڀن اونداھ جھڙو جنھن ۾ ڪوئي ڏيئو ڪونھي آئون اڀاڳڻ اھڙي آھيان ورندو جنھن جو وڻجارو ڪونھي
ڳوڙھن ھاڻا ڳل ھي تنھنجا ڪنھن کي ورئي سارين ٿي تون ڪير ھنيئين تي اُڊڪي آيئي ڪھڙا پل سڀارين ٿي تون
ويدن منجھہ سمايل تون، گيتن منجھہ بہ ڳايل تون ڌرتي دز ڪندو ڪو گهوڙو، ائين امالڪ ايندين تون
ڀونڊو آھي منھن مٿان باندي آھيون صدين کان
نديءَ کي چيلھ تي آيا، سدا ھو وار سھڻي جا نديءَ کي نينگرين ھوڏيو، نديءَ ڪيا آر جوڀن جا
نديءِ جو سمنڊ نيري سان، سدا ھو سڪ جو ناتو نديءَ کي ڀر تي بيھي، مھاڻي واھ جو ڳاتو