خ
خواجہ محمد زمان
جنت
عَارِفَ ۽ عُشاقَ، پَسَڻُ گُهرنِ پِرينءَ جو، جَنَّتَ جا مُشتاقَ، اڃا اوراهان ٿِئا.
- خواجہ محمد زمان
جوڳي
ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُنهيون ڪِيمَ دُکاءِ، ‘ واذڪر رَبَّڪَ في نفسڪ’ اَندرِ آڳ جَلاءِ، جَنِ سَڄَڻَ جي سَاڃاَءِ، تَنِ ڪِينا مِٺو ڪِينَ ڪِي.
- خواجہ محمد زمان
فقير
تانسين تُون نه فقير، جانسين سانگُ سِسِيءَ جو، ماڻِئو تَنِ مَلِيرُ، جَنِ جُسو مالُ مُباحُ ڪِئو.
- خواجہ محمد زمان
اکيون
نَڪي اوڏو اک کي، نڪي نَظران ڏُور، وَڃان اِئين وَهلور، جئن ڏِٺوئي اَڻَ ڏيٺ ۾.
- خواجہ محمد زمان
منصور
سَپَتِ پَچَرَ پِرينءَ جي، سَڀَتِ هُوت حُضُورُ، مُلڪُ سڀُ منصور، ڪُهي ڪُهيا ڪِيترا.
- خواجہ محمد زمان