مشتاق ڦل
هوا، رنگ، خوشبو ۽ رابيل جهڙي چري ڇوڪري تون ڀلا ڇا ٿي چاهين؟ لڳي ٿو ته توکي به ويو آ وڻي ڪو زبان کي چپن تي ٿي هر هر گُهمائين؟
دنيا جي الزامن تي، دل مُرڪي پوندي آهي محبوبن جا مهڻا ليڪن ماري وجهندا آهن فون تي هن جا ٽهڪ ڪري ويا شهر سڄو اغوا مُلڪ سڄي کي هن جا اُلڪا ماري وجهندا آهن
آئي هلڪي هوا اُجهامي ويو يا ته ڪک پن هيو اُڏامي ويو ڪهڙي قيمت غدار ماڻهوءَ جي ڦرڻي ڪرسي ڏسي وڪامي ويو
مفلسي ۽ بُک بيماري ته ڏس سنڌ جي ماڻهن جي لاچاري ته ڏس هي، ڦُرون، اغوا، قتل غارتگري رئيس ۽ ڌاڙيل جي ياري ته ڏس
ڪوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور ڌارين ماڻهن جي دلداري نامنظور ڌرتيءَ جي غدارن لئه جي گيت لکن شاعر ليکڪ سي درٻاري نامنظور!
ڪي کوڙ چريا ماڻهو رستي ۾ مليا هوندئي ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هوندئي اکڙين جي اشارن سان لک قيد ڪيا هوندئي ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هوندئي
قومي غيرت واري جذبي کان خالي ڪردار مان سمجهان ٿو سي ئي ماڻهو بزدل ۽ بيمار
سج به ساڳيو چنڊ به ساڳيو ساڳيا تارا يار سوچيان ٿو ويا آخر ڪاڏي ماڻهو مڻيادار
رستا روڊ بلاڪ سمورا باهيون ئي باهيون ڄڻ ته اسان هِن ڌرتيءَ جا وارث ئي ناهيون
هيءَ ڪراچي ڪنهنجي ناهي آهه ڪلاچي سنڌ آهه اسان جو پنهنجو عُضوو آهه اسانجي جند