سعيد ميمڻ جي شاعري

وري چنڊ - پوپٽ ڇهن عا گلن کي،
گلابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.
هي جسمن جي گرمي ۽ ٿوري ڇهڻ سان،
حجابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.

سعيد ميمڻ

رستن جي ويراني مون ڏي گهوري ٿي
هر شئي مان حيراني مون ڏي گهوري ٿي
ڪيڏو وقت لڪل آ کَل جي گهنجن ۾
پوڙهي جي پيشاني مون ڏي گهوري ٿي

سعيد ميمڻ

صدين تائين پهچي ٿي هن جي نظر
ڪلاڪار کي جي ملن ٿيون اکيون

سعيد ميمڻ