لطيف جي شاعري

اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تنهن سَرَ مٿي ھنجَڙا

لطيف

وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا؛
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ؛
ھينئڙا! تنِين پاسِ، گهارِ تہ گهايَلُ نہ ٿِئين.

لطيف

عقابيل اکين ۾ باري توکي بان
اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ ھڻيو مستان
جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين

لطيف

اڀرندي ئي سج پرين جي نہ پسنديون
سي ٻئي ڪڍي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي

لطيف

کرڪڻا لاھي، سک نہ ستا ڪڏھن
کاھوڙين آھي، آسرو پنڌ جو

لطيف

سري ڪين ڪئون، ويڻ موکي جي ماريا
ڪو جو سخن ڪلال جو، پتيِ تي پيون
تھان پوءِ ٿئون، مرڻ متارن کي

لطيف

ويڄ! ٻُڪي م ڏي، الا چڱي م ٿيان
سڄڻ مانَ اچي، ڪرلاھو ٿي ڪڏھين

لطيف

پڙاڏو سوئي سڏ، ور ورائي جو جي لھين
ھئا اڳي ئي گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻہ ٿيا

لطيف

سر ڍونڍيان ڌَڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه
هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانہ
وحدت جي وهانہ، جي وئا سي وڍئا

لطيف

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نہ ڪجي ايتري
سلطاني سھاڳ، ننڊن ڪندي نہ ٿئي

لطيف

مند نـ منجھان تن پسي لڪ لڏن جي
جا پر کاھوڙين سا پر سکي سسئي

لطيف

عقابيل اکين سين، تير چلايو تو
ٻيو مر ماري سو، جنھن جو پھريون پورو نہ ٿئي

لطيف

پاڙي ويڄ ھئام، تان مون مور نہ پڇيا
تيلاھين پئام، موريسر اکين ۾

لطيف

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿيا

لطيف

جتي اوهان ڇڏيون اتي ئي آهين
اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين
ٻئي در واجھائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان

لطيف

جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام،
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

لطيف

بندر جان ڀئي سکاڻا مَ سمهو
ڪپر ٿو ڪن ڪري جئن ماٽي منجھ مهي
ايڏو سور سهي ننڊ نہ ڪجي ناکئا

لطيف

رھيا اٿئي رات، صبح ويندي صابري
لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي

لطيف

عقابيل اکين ۾ توکي تکا تير
ساجن انھي سيگ سين ڦٽيئي گهڻا فقير
ٻيو م مارج مير، تنھنجو پھريون ئي پورو ٿيو

لطيف

آھي گَهڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طبيبنِ؛
ڪيو وَسُ ويڄنِ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.

لطيف

شمع ٻاريندي شب، پرہ باکون ڪڍيون
موٽ مران ٿي ميندرا، راڻا ڪارڻ رب
تنھنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا

لطيف

جت پکي نہ پير، تت ٽمڪي باھڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاھوڙڪي کير ري

لطيف

تو ڪئي توکي ڦٻي، مومل اھا مزاق
ھاڻي تنھنجي اوطاق، مور نہ ايندو مينڌرو

لطيف

ھڏ نہ ساھ سڌير، دل درماندي دوست ري
پائي وئي پرتِ جو، زوراور زنجير
جيءُ جسو جاگير، ھاڻي ملڪيت ھوت جي

لطيف