لطيف
پڙاڏو سوئي سڏ، ور ورائي جو جي لھين ھئا اڳي ئي گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻہ ٿيا
اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تنهن سَرَ مٿي ھنجَڙا
اڀرندي ئي سج پرين جي نہ پسنديون سي ٻئي ڪڍي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي
جتي اوهان ڇڏيون اتي ئي آهين اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين ٻئي در واجھائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان
عقابيل اکين سين، تير چلايو تو ٻيو مر ماري سو، جنھن جو پھريون پورو نہ ٿئي
پاڙي ويڄ ھئام، تان مون مور نہ پڇيا تيلاھين پئام، موريسر اکين ۾
عقابيل اکين ۾ توکي تکا تير ساجن انھي سيگ سين ڦٽيئي گهڻا فقير ٻيو م مارج مير، تنھنجو پھريون ئي پورو ٿيو
عقابيل اکين ۾ باري توکي بان اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ ھڻيو مستان جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين
سري ڪين ڪئون، ويڻ موکي جي ماريا ڪو جو سخن ڪلال جو، پتيِ تي پيون تھان پوءِ ٿئون، مرڻ متارن کي
شمع ٻاريندي شب، پرہ باکون ڪڍيون موٽ مران ٿي ميندرا، راڻا ڪارڻ رب تنھنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا
ويڄ! ٻُڪي م ڏي، الا چڱي م ٿيان سڄڻ مانَ اچي، ڪرلاھو ٿي ڪڏھين
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نہ ڪجي ايتري سلطاني سھاڳ، ننڊن ڪندي نہ ٿئي
بندر جان ڀئي سکاڻا مَ سمهو ڪپر ٿو ڪن ڪري جئن ماٽي منجھ مهي ايڏو سور سهي ننڊ نہ ڪجي ناکئا
تو ڪئي توکي ڦٻي، مومل اھا مزاق ھاڻي تنھنجي اوطاق، مور نہ ايندو مينڌرو
جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام، جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام، اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.
سر ڍونڍيان ڌَڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانہ وحدت جي وهانہ، جي وئا سي وڍئا
کرڪڻا لاھي، سک نہ ستا ڪڏھن کاھوڙين آھي، آسرو پنڌ جو
جت پکي نہ پير، تت ٽمڪي باھڙي ٻيو ٻاريندو ڪير، کاھوڙڪي کير ري
رھيا اٿئي رات، صبح ويندي صابري لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي
آھي گَهڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طبيبنِ؛ ڪيو وَسُ ويڄنِ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.
وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا؛ تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ؛ ھينئڙا! تنِين پاسِ، گهارِ تہ گهايَلُ نہ ٿِئين.
ھڏ نہ ساھ سڌير، دل درماندي دوست ري پائي وئي پرتِ جو، زوراور زنجير جيءُ جسو جاگير، ھاڻي ملڪيت ھوت جي
مند نـ منجھان تن پسي لڪ لڏن جي جا پر کاھوڙين سا پر سکي سسئي
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿيا