شمشير الحيدري
حُسين ابن عليءَ کي شھيد ٿيڻو پيو، خدا جي راھ ۾ انصاف کي به مرڻو پيو: فلڪ کي ظلم جو ھي اھتمام ڪرڻو پيو، قضا کي دين جي خاطر يزيد ٿيڻو پيو.
سدائين ڪوڙ کٽيو جبر جي سھارن تي، دٻائي سچ کي تقدير جي حوالن سان: رکي سياھيءَ جو الزام چنڊ تارن تي، عجب مذاق انڌيرن، ڪيو اجالن سان.
جو زھر پيتو ھو سقراط ڪنھن زماني ۾، گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو: حيات جنھن جي طلب ۾ رھي ٿي سرگردان، اھو ئي وقت جو دل جو سرور بڻجي ويو.
ڳلي جا طوق بدلجن پيا سدا، ھر سُو، ڏکي نه آھي صدين جي حساب جي صورت: صليب مان ٿي اچي اڄ بھار جي خوشبو، عجيب آھي اھا انقلاب جي صورت.
ڏسي ٿو ڪير ڀلا آفتاب تي سرحد، ٻڌائي ڪير سگھيو آ خواب جي سرحد: ڪروڙين ذھن فقط ھڪ ڪتاب جي سرحد، وسيع آھي اڃا انقلاب، جي سرحد.
اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير، اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير.
اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو، اڄ وري زندان جو ٺھراءُ ٿيو.
اڄ وري تخليق کي شاعر مليو، اڄ وري دنيا کي پيغمبر مليو!
منھنجي لئه طور تجلي، سو ته ناممڪن، منھنجي لئه دار تسلي، سو ته ناممڪن، ملي گوتم جي ٻُڌي مونکي، سا تقدير ڪٿي، مان ڏسان حسن ازلي، سو ته ناممڪن.
تو وري حُسن کي پھري ۾ لڪايو آھي، تو وري عشق تي الزام لڳايو آھي، تو وري ظلم کي مھمان بڻايو آھي، تو وري زندھ ضميرن کي ستايو آھي.
تون وري زھر کي ماکيءَ سان ملائي ويٺو، تو وري حق جو آواز دٻائين ويٺو، تون وري قيد جي ديوار اڏائين ويٺو، تون وري سچ کي گوليءَ سان اڏائين ويٺو.