شيخ اياز جي شاعري

تو جا سمجھي سِٽَ،سا آھي ڪاتيءَ ڪوٺَ،
ڳائي ڳائي ڳوٺ َ، ڪُھندو ويو ڪِينرو.

شيخ اياز

پنھنجا ڦٽ پراڻا ھئا
يا ھي ويڄ اياڻا ھئا

شيخ اياز

ڏس باک ڀليري آئي آ، ڏس سنڌ مٿان سرھائي آ
ڇو تن لاءِ 'اياز' رنين، جي مارو ماڳ مٽائي ويا

شيخ اياز

ڪا منزل ڏيکاري ڏي ٿي
ڪو ڏورانهون ڏسُّ مليو آ
وارِي ڄڻ دلداري ڏي ٿي
گوندر کي ڪو گسُّ مليو آ

شيخ اياز

پيار پکيءَ جئن ايندو آهي
آکيرو به اَڏيندو آهي
روهه مٿان روها کيءَ وانگر
پو به اُڏامي ويندو آهي

شيخ اياز

رات ڄام شوري جي
ڪنهن رباب وانگر آ
ڄڻ پکي پرن تي آ
وقت خواب وانگر آ

شيخ اياز

جنهن جي واٽ اُڃايل آهي
پاڻيارين جي پياس جيان
ميگهه رُسي ويو آهي اُن کان
ڄڻ مُنهنجي وشواس جيان

شيخ اياز

توکي سارِي سنڌڙي ،ساري ڀٽ ڌڻي،
مُور نہ ٿيندي مارئي،ٻي ڪا ماءُ ڄَڻِي،
تنھنجي پير َ پَڻِي ، ڏات سموري ڏيھ جي.

شيخ اياز

ڪرايون ڳچيءَ ۾ وجهي ڪانڌَ کي
ڏسي وڄ وينگس ڏري ٿي پئي
سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز
مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي

شيخ اياز

راهب ڪُوڙ ڪمائن ويٺا
ڪيڏا ڪُوڙ ڪليسا آهي
پو به صليب تي رَتُ ۾ رانيل
ڳَهرو ڳاٽُ ته مٽي ناهي!

شيخ اياز

هي ڪنهن جي سرگوشي آهي
”مؤنن ڀر تون ڪيسين رڙهندين؟
”تو وَٽ ڪو هٿيار نه آهي
”پو به وڙهين ٿو! ڪيسين وڙهندين؟“

شيخ اياز

چاندني رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟
تُنهنجا چَپ يادِ اچن ٿا اُنهيءَ وانگر هاڻي!

شيخ اياز

آھيان آءُٗ اُساٽ َ، تنھنجي مَڌُ جي ، او ميان،!
تو سا ڪوءِ ڪَلال جي،جنھن مان منھنجي واٽ،
تو کان ٻاھر ٻاٽ ، تو تائين آ سوجھرو.

شيخ اياز

موکي انوکي، وٺي پر پياڪ جي
جنھن کي ويھ جي وات تي، چس لڳي چوکي
انھي لاءِ اوکي، جاڙ نہ ڪائي جيءُ جي

شيخ اياز

منهنجا پير وڍيا آهن جن
سي ڪارايُن وانگر رستا
ڪيڏو دور وڃن ٿا اڳتي
سي ڪنڊن سا ٻُر ٻُر رستا

شيخ اياز

مون چيو مينديءَ کيت کي، اُٿي ڦُٽي پئو
مون کي گُهرجن سئو، ميندي رتا هٿڙا

شيخ اياز

او مڌ ماتا، ھوريان هل،
منزل آهي هر هڪ پل

شيخ اياز

جيئن سانوڻ ۾ ڏار، تيئن جھولن ٿيون جندڙيون
موکي تنھنجي مڌ ۾، ڪيڏا ميگهہ ملھار
سر جي ڪنھن کي سار، ڏي ڏي وٽيون ويھ ڀري

شيخ اياز

‏ٿو ڪري راڪاس راڙا پر اياز
هيل تنهنجي سنڌ گهٻرائي نٿي

شيخ اياز

مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙھي تلوارن سان
ٿا ڀاري تنھنجا برج لڏن، تون ھيڻو آن ھٿيارن سان

شيخ اياز

چئہ تون مون کان پوءِ،ڪنھن جو ٿيندين ڪينرا،؟
واڪا ڪندي ووء ِ، صديون تو لئہ سنڌڙي.!

شيخ اياز

اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!

شيخ اياز

رت تَنهنجي ۾ سندس رتّ رِلي ٿي پيئي
ٻار کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي

شيخ اياز

ڪنهن جو تختو نڪتل آهي
ڪنهن جو تخت وڃايل آهي،
مورڙيا ۽ مَڇَّ وڙهن ٿا
پاڻي رَتُّ رُلايل آهي؛

شيخ اياز

گُل گُلابي ٽوڙي ڪوئي
مون کي اِئن آڇيندو آهي،
پنهنجا چَپّ چُميءَ ۾ ويڙهي
ڄڻ هو مون کي ڏيندو آهي.

شيخ اياز

ھي اڻ ڄاڻ ڄاڻو ھي بي سمجھہ سمجھو
ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو

شيخ اياز

آءُ درازا ھل
تنھنجا سارا مولوي
منھنجو ھڪ سچل

شيخ اياز

جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾
ڪالھ کان ڳالھ آھي، سا انسان ۾

شيخ اياز

خواب اسان جا جنگي قيدي
جن تي فاتح ٿوڪارِن ٿا
پنهنجن پيرن ۾ ڪيرائي
تلوارن سان للڪارِن ٿا

شيخ اياز

منهنجو من هيکلڙو پنڇي
اُڏري اُڏري ٿڪجي پيو آ
ڄڻ آڪاس ۾ ڪوئي تارو
ڪاري جهُڙ ۾ رهجي ويو آ

شيخ اياز

رات بارات جيان آئي آ
ائن لڳي ٿو اِجهو ڏولي پَهتِي

شيخ اياز

اي وينگس تنهنجا وار چڱا
تنهن تي منهنجا آر چڱا

شيخ اياز

ساڳي چارڻ جي چکيا
ساڳيو شاعر جو شمشان
اڄ ڀي ڏات مصور جي
رت ۾ ٻوڙي کائي نان

شيخ اياز

سنڌڙي کي سيباءِ اياز،
تنهنجو گيڙو ويس غزل.

شيخ اياز

رومي ساري رات رنو، حافظ ٽھڪ ڏنو ڇا لاءِ
ايندو آ ھر رات اياز، ميخاني ۾ توبه لاءِ

شيخ اياز

بيوس خواب، اکين ۾ تن جي
ڪيڏي زهر ڀري پَئي آهي
پر هي تن جي چڻنگ، اُنهيءَ مان
ٻيهر باهه ٻري پَئي آهي

شيخ اياز

امي ھو آيو؟
نہ ھي پردو ڌيئڙي
ھوا لوڏايو

شيخ اياز

هر شيءِ تنهنجيءَ ڪُکّ مان نڪري
تنهنجيءَ ڪُکّ ۾ وڃڻي آهي،
مان ڀانيان ٿو هر ملحد کي
تنهنجي وحدت مڃڻي آهي؛

شيخ اياز

ڪائي گونگي گانءِ، هاڻي ناهي نينگري
ڀُوري گهٽ نه ڀانءِ، ڏونگر ڏاري ٿي سگهي

شيخ اياز

ڪٿي ڌاڙيل ھئا ڌن جا، ڪٿي تن جا ڪٿي من جا
اياز اڄ دانھن ڏيون ڪنھن کي، ساري سنڌ گھيرو آ

شيخ اياز

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنھنجا کيت
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آھن آيتون

شيخ اياز

آءٌ جو آواز آهيان
زندگيءَ جو راز آهيان
ٿو وڃان مان دور تائين
موڙ جي موڙي سگهين

شيخ اياز

اڳ ۾ ھُيس شاھ،شَل مون کي سمجھي سگھين،!
سنڌڙي ، تنھنجو ساھ ، جَرڪيو منھنجي جيءَ ۾.

شيخ اياز

روڪ جي روڪي سگهين
سَڏَّ کي ڪي هَڏَّ ناهن
جو اُهي ٽوڙي سگهين
روڪ جي روڪي سگهين

شيخ اياز

ڳِيچَ ڳَهر مان جاڳيا آهن
لَيءَ ڪيڏي متوارِي آهي
ڄڻ سنڌوءَ جي ڏائي ڪَپ تي
سائِي سرنهن ڦُلاري آهي

شيخ اياز

ايتري روشني آنهه تون پاڻَ ۾
مون وِسائِي بَتي ڀاڪُرين ڀاڻَ ۾

شيخ اياز

سڄي رات ڪتا، ڀونڪيا چنڊ تي ھا
زرو ڀي نہ گھٽ، ان جي روشني ٿي

شيخ اياز

منھنجي مَڌُ کي ميرو سمجھي، ٿُڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ
تنھنجي مَنَ کان ميرو ناھي، ھَٿ رکي ڏِسُ ھانءُ

شيخ اياز

ڪڙو چوان ڪيئن، موکي ھٿان جو مليو
ويھ ويترو تيئن، جيئن جيئن ترو ويجھڙو

شيخ اياز

”جو چاھين سو چونڊ تون، مڻيو توڻي ماڳ،
ڀوري، تنهنجو ڀاڳ، آھي تنھنجي وس ۾“.

شيخ اياز

پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي
نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي
آکيرا اُن لاءِ اَجايا
ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي

شيخ اياز

ھاءِ اُڃايون، آسَرونديون، وِکَ وک تي وَھلور
منھنجون اکڙيون، ھيڻيون ھَرڻيون، ڏسن اُفق ۾ ڏور

شيخ اياز

ڇا سُر راڻو مٽي آهي؟
ڇا ڪوهياري مٽي آهي؟
آءٌ ڀٽائيءَ لاءِ پُڇان ٿو-
ڀِٽَّ ته ساري مٽي آهي؟

شيخ اياز

سڄو ڏيھ ڏاٽا ڪري جي اُڀا، لکين عيد جا چنڊ اڀري پون
ڪڏهن سينڌ سنڌ جي نه ميري ٿئي، ڪڏهن موڙ ان جا نه مرجهائجن.

شيخ اياز

ٻيو پار مَري ويندو
سهڻي ته بچي ويندي
ميهار مري ويندو

شيخ اياز

ڪالهه جڏهن طوفان لڳو هو
وِڄَ ڪري هُئي، ڏارَ ٽُٽا ها
آکيرن آڌارَ ٽُٽا ها

شيخ اياز

ٿي پوي ماڪ گلابن تي هوا مان هر هر
دل چوي ٿي ته ملين ڪاش ڪٿي تون ٻيهر

شيخ اياز

دل کي اِئن وڪوڙيو ٿِي
ڄڻ ته وَل چنبيليءَ جي
ڪيتري نه خوشبو آ
ڄڻ ته رات سانوڻ جي

شيخ اياز

مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا
ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي
حياتِ گريزان سرابِ مسلسل
ازل کان اڃائي ويا، ڪير سمجھي

شيخ اياز

ڪنھن جي لاءِ ڪُماچ،صديون رھيو سانت ۾،؟
سارو ڏيھ ڏياچ ، مڱڻو ڳوليو ماڻھوءَ.!

شيخ اياز

جنهن ۾ منهنجي ڏات ڏهاڳڻ
ڪوڪِي آهي ڪويَلين جئن
مڌوبن جي پن پن ۾ منهنجي
دهڪي آهي دانهن دِلين جئن

شيخ اياز

هاڻ ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان
خواب وڏا ڏوهاري آهن
آزاديءَ جا خواب، اُنهن تي
بَند اڳي کان ڀاري آهن

شيخ اياز

اهڙو ڪو انڌير، سرتيون، جهڙو سنڌ ۾
پِر نه پائي پيرُ، پَرڪيائين پنهنجو

شيخ اياز

سُپنن جي بازار لڳي آ
ميلو آ ويساکيءَ جو ڄَڻُ
موڙَ موڙَ تي سَوَ مَڌونتيون
من ماکارو ماکيءَ جو ڄَڻ

شيخ اياز

‏ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين
جڏهن ورنديون ڪونجڙيون هر هر ڪري هُل، تڏهن ملنداسين
وڇوڙي جا ڏينهرا ڀورائيءَ جي ڀُل، تڏهن ملنداسين
ڳلن ڳوڙها ٽمندا جڏهن موتين جا تُل، تڏهن ملنداسين.

شيخ اياز

ٿي ماڪ وسي ميخاني تي، ڪي رند ڪڙو کڙڪائين ٿا
ڪجھه ڳاٽ ڳھر کان ڇرڪن ٿا ۽ جام جھلي واجھائين ٿا

شيخ اياز

تو طرف ئي ٿو ڏسي باک جو سائو وَڻ ٽَڻُ!
ٿا ڪَڪَر ساٿُ ڏَيِن، جيئَن پَئي هَڪليِن ڌَڻ!

شيخ اياز

پيرَ ڪَڙين، ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ،
چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.

شيخ اياز

قدم قدم تي ھجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا
ڪري ويو ڪير بارشِ مئہ، خمار آلود ٿيا زمانا

شيخ اياز

انهيءَ تي اسان جي خدائي کُٽي
نه فردوس بهتر، نه باغ عدن،
جڏهن ڪُن چيائون اسان کي ملي
اِهائي ته ڌرتي، اِهو ئي ته ڌن.

شيخ اياز

رات هئي چار پَهَر، رات ته گذري ويِئي
مون ٿڌو ساهه ڀَريو، توکي ميارون ڏيئي

شيخ اياز

ڪيڏي آ هُٻڪارَ هَوا ۾
توڙي سَو پَرمار هوا ۾
ڪويل ڪُوڪ ڪَٽاريءَ وانگر
اُڀرِي آ ٻيهار هوا ۾

شيخ اياز

وقت جيڪو زندگي آ
ها، اُهوئي وقت تنهنجو موت آهي
تون اُنهي کي، ٽوڪ جي ٽوڪي سگهين
روڪ جي روڪي سگهين

شيخ اياز

آڌيءَ رات اُداسُ،اُن تي آرتيون آڱريون،
ماڻھوءَ ماڻھوءَ ماسُ،ڪوري آيو ڪِينَرو.

شيخ اياز

ڪاتيء هيٺيان ڪنڌ، پوء به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيء جو سڳند، مرنداسين پر مرڪندي۔

شيخ اياز

جا سندس وارَ ڇُهي، هِيرَ ڇِني سگهندين تون؟
عشق کان عشق جي تقدير ڇِني سگهندين تون؟
چنڊ کان يار جي تصويرَ ڇني سگهندين تون؟
هُو مٿي سمنڊ منجهان وِيرَ، ڇني سگهندين تون؟

شيخ اياز

ٻيهارَ به ملنداسين
ڪنهن ڏُور ستاري تي
ٽيهارَ به ملنداسين

شيخ اياز

سينڌ سُرمي کانسوا سونهن نه وڻندي آ ڇا؟
سينڌ سُرمي کانسوا ڇو نه اچين ٿي مون ڏي

شيخ اياز

پيرَ ڪَڙين، ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ،
چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.

شيخ اياز

آءُ، ڀٽائيءَ آءُ،!تنھنجي کِھَ منھنجيون اکيون،
ڏِس،!مون تنھنجو ڪينرو،ڀوريو ناھي ڀاءُ،!
ساڳيو جوڳَ جڙاءُ ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.

شيخ اياز

ڏاڍو ڏور لڳي ٿي منزل
ڪيڏو پنڌ اڻانگو آهي!
سِرُ اهڙو به اجايو ناهي
توڙي سِرَ جو سانگو ناهي!

شيخ اياز

چائنٺ چائنٺ چَنگ ُ، چوريم چوڏھينءَ رات جو،
لوٺيون ڪيئي لوڪَ جون،نڪتيون اوڙھي ننگُ،
چي : '' ھي ٿيندو ڪير آھ،اَڻ ڪوٺيو اَڙٻنگُ،
ڏاھَپَ ڏاھَپَ ڏنگ ُ، پھتو جنھن جي ڏات مان.!“

شيخ اياز

گهڙيال وڳو، يا وقت ڀڳو
روپوش ڏوهاريءَ وانگر

شيخ اياز