شيخ اياز
ھي اڻ ڄاڻ ڄاڻو ھي بي سمجھہ سمجھو ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها آزاد هوا ڇا ٿيندي آ! پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
هر شيءِ تنهنجيءَ ڪُکّ مان نڪري تنهنجيءَ ڪُکّ ۾ وڃڻي آهي، مان ڀانيان ٿو هر ملحد کي تنهنجي وحدت مڃڻي آهي؛
گُل گُلابي ٽوڙي ڪوئي مون کي اِئن آڇيندو آهي، پنهنجا چَپّ چُميءَ ۾ ويڙهي ڄڻ هو مون کي ڏيندو آهي.
ڪنهن جو تختو نڪتل آهي ڪنهن جو تخت وڃايل آهي، مورڙيا ۽ مَڇَّ وڙهن ٿا پاڻي رَتُّ رُلايل آهي؛
ڇا سُر راڻو مٽي آهي؟ ڇا ڪوهياري مٽي آهي؟ آءٌ ڀٽائيءَ لاءِ پُڇان ٿو- ڀِٽَّ ته ساري مٽي آهي؟
راهب ڪُوڙ ڪمائن ويٺا ڪيڏا ڪُوڙ ڪليسا آهي پو به صليب تي رَتُ ۾ رانيل ڳَهرو ڳاٽُ ته مٽي ناهي!
ڪالهه جڏهن طوفان لڳو هو وِڄَ ڪري هُئي، ڏارَ ٽُٽا ها آکيرن آڌارَ ٽُٽا ها
ڪيڏي آ هُٻڪارَ هَوا ۾ توڙي سَو پَرمار هوا ۾ ڪويل ڪُوڪ ڪَٽاريءَ وانگر اُڀرِي آ ٻيهار هوا ۾
ڳِيچَ ڳَهر مان جاڳيا آهن لَيءَ ڪيڏي متوارِي آهي ڄڻ سنڌوءَ جي ڏائي ڪَپ تي سائِي سرنهن ڦُلاري آهي
پيار پکيءَ جئن ايندو آهي آکيرو به اَڏيندو آهي روهه مٿان روها کيءَ وانگر پو به اُڏامي ويندو آهي
پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي آکيرا اُن لاءِ اَجايا ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي
جنهن جي واٽ اُڃايل آهي پاڻيارين جي پياس جيان ميگهه رُسي ويو آهي اُن کان ڄڻ مُنهنجي وشواس جيان
منهنجو من هيکلڙو پنڇي اُڏري اُڏري ٿڪجي پيو آ ڄڻ آڪاس ۾ ڪوئي تارو ڪاري جهُڙ ۾ رهجي ويو آ
روڪ جي روڪي سگهين سَڏَّ کي ڪي هَڏَّ ناهن جو اُهي ٽوڙي سگهين روڪ جي روڪي سگهين
آءٌ جو آواز آهيان زندگيءَ جو راز آهيان ٿو وڃان مان دور تائين موڙ جي موڙي سگهين
وقت جيڪو زندگي آ ها، اُهوئي وقت تنهنجو موت آهي تون اُنهي کي، ٽوڪ جي ٽوڪي سگهين روڪ جي روڪي سگهين
گهڙيال وڳو، يا وقت ڀڳو روپوش ڏوهاريءَ وانگر
خواب اسان جا جنگي قيدي جن تي فاتح ٿوڪارِن ٿا پنهنجن پيرن ۾ ڪيرائي تلوارن سان للڪارِن ٿا
هاڻ ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان خواب وڏا ڏوهاري آهن آزاديءَ جا خواب، اُنهن تي بَند اڳي کان ڀاري آهن
بيوس خواب، اکين ۾ تن جي ڪيڏي زهر ڀري پَئي آهي پر هي تن جي چڻنگ، اُنهيءَ مان ٻيهر باهه ٻري پَئي آهي
ڪا منزل ڏيکاري ڏي ٿي ڪو ڏورانهون ڏسُّ مليو آ وارِي ڄڻ دلداري ڏي ٿي گوندر کي ڪو گسُّ مليو آ
سُپنن جي بازار لڳي آ ميلو آ ويساکيءَ جو ڄَڻُ موڙَ موڙَ تي سَوَ مَڌونتيون من ماکارو ماکيءَ جو ڄَڻ
جنهن ۾ منهنجي ڏات ڏهاڳڻ ڪوڪِي آهي ڪويَلين جئن مڌوبن جي پن پن ۾ منهنجي دهڪي آهي دانهن دِلين جئن
منهنجا پير وڍيا آهن جن سي ڪارايُن وانگر رستا ڪيڏو دور وڃن ٿا اڳتي سي ڪنڊن سا ٻُر ٻُر رستا
هي ڪنهن جي سرگوشي آهي ”مؤنن ڀر تون ڪيسين رڙهندين؟ ”تو وَٽ ڪو هٿيار نه آهي ”پو به وڙهين ٿو! ڪيسين وڙهندين؟“
ڏاڍو ڏور لڳي ٿي منزل ڪيڏو پنڌ اڻانگو آهي! سِرُ اهڙو به اجايو ناهي توڙي سِرَ جو سانگو ناهي!
رات ڄام شوري جي ڪنهن رباب وانگر آ ڄڻ پکي پرن تي آ وقت خواب وانگر آ
دل کي اِئن وڪوڙيو ٿِي ڄڻ ته وَل چنبيليءَ جي ڪيتري نه خوشبو آ ڄڻ ته رات سانوڻ جي
پنھنجا ڦٽ پراڻا ھئا يا ھي ويڄ اياڻا ھئا
مون چيو مينديءَ کيت کي، اُٿي ڦُٽي پئو مون کي گُهرجن سئو، ميندي رتا هٿڙا
جيئن سانوڻ ۾ ڏار، تيئن جھولن ٿيون جندڙيون موکي تنھنجي مڌ ۾، ڪيڏا ميگهہ ملھار سر جي ڪنھن کي سار، ڏي ڏي وٽيون ويھ ڀري
ڪڙو چوان ڪيئن، موکي ھٿان جو مليو ويھ ويترو تيئن، جيئن جيئن ترو ويجھڙو
موکي انوکي، وٺي پر پياڪ جي جنھن کي ويھ جي وات تي، چس لڳي چوکي انھي لاءِ اوکي، جاڙ نہ ڪائي جيءُ جي
ڏس باک ڀليري آئي آ، ڏس سنڌ مٿان سرھائي آ ڇو تن لاءِ 'اياز' رنين، جي مارو ماڳ مٽائي ويا
امي ھو آيو؟ نہ ھي پردو ڌيئڙي ھوا لوڏايو
قدم قدم تي ھجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا ڪري ويو ڪير بارشِ مئہ، خمار آلود ٿيا زمانا
سڄي رات ڪتا، ڀونڪيا چنڊ تي ھا زرو ڀي نہ گھٽ، ان جي روشني ٿي
رومي ساري رات رنو، حافظ ٽھڪ ڏنو ڇا لاءِ ايندو آ ھر رات اياز، ميخاني ۾ توبه لاءِ
ڪٿي ڌاڙيل ھئا ڌن جا، ڪٿي تن جا ڪٿي من جا اياز اڄ دانھن ڏيون ڪنھن کي، ساري سنڌ گھيرو آ
ٿو ڪري راڪاس راڙا پر اياز هيل تنهنجي سنڌ گهٻرائي نٿي
آءُ درازا ھل تنھنجا سارا مولوي منھنجو ھڪ سچل
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنھنجا کيت مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آھن آيتون
ٿي ماڪ وسي ميخاني تي، ڪي رند ڪڙو کڙڪائين ٿا ڪجھه ڳاٽ ڳھر کان ڇرڪن ٿا ۽ جام جھلي واجھائين ٿا
سنڌڙي کي سيباءِ اياز، تنهنجو گيڙو ويس غزل.
جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾ ڪالھ کان ڳالھ آھي، سا انسان ۾
ٿي پوي ماڪ گلابن تي هوا مان هر هر دل چوي ٿي ته ملين ڪاش ڪٿي تون ٻيهر
جا سندس وارَ ڇُهي، هِيرَ ڇِني سگهندين تون؟ عشق کان عشق جي تقدير ڇِني سگهندين تون؟ چنڊ کان يار جي تصويرَ ڇني سگهندين تون؟ هُو مٿي سمنڊ منجهان وِيرَ، ڇني سگهندين تون؟
رات هئي چار پَهَر، رات ته گذري ويِئي مون ٿڌو ساهه ڀَريو، توکي ميارون ڏيئي
رات بارات جيان آئي آ ائن لڳي ٿو اِجهو ڏولي پَهتِي
چاندني رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟ تُنهنجا چَپ يادِ اچن ٿا اُنهيءَ وانگر هاڻي!
ايتري روشني آنهه تون پاڻَ ۾ مون وِسائِي بَتي ڀاڪُرين ڀاڻَ ۾
رت تَنهنجي ۾ سندس رتّ رِلي ٿي پيئي ٻار کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي
سينڌ سُرمي کانسوا سونهن نه وڻندي آ ڇا؟ سينڌ سُرمي کانسوا ڇو نه اچين ٿي مون ڏي
تو طرف ئي ٿو ڏسي باک جو سائو وَڻ ٽَڻُ! ٿا ڪَڪَر ساٿُ ڏَيِن، جيئَن پَئي هَڪليِن ڌَڻ!
ٻيو پار مَري ويندو سهڻي ته بچي ويندي ميهار مري ويندو
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙھي تلوارن سان ٿا ڀاري تنھنجا برج لڏن، تون ھيڻو آن ھٿيارن سان
ڪائي گونگي گانءِ، هاڻي ناهي نينگري ڀُوري گهٽ نه ڀانءِ، ڏونگر ڏاري ٿي سگهي
پيرَ ڪَڙين، ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ، چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.
ڪنھن جي لاءِ ڪُماچ،صديون رھيو سانت ۾،؟ سارو ڏيھ ڏياچ ، مڱڻو ڳوليو ماڻھوءَ.!
آڌيءَ رات اُداسُ،اُن تي آرتيون آڱريون، ماڻھوءَ ماڻھوءَ ماسُ،ڪوري آيو ڪِينَرو.
چائنٺ چائنٺ چَنگ ُ، چوريم چوڏھينءَ رات جو، لوٺيون ڪيئي لوڪَ جون،نڪتيون اوڙھي ننگُ، چي : '' ھي ٿيندو ڪير آھ،اَڻ ڪوٺيو اَڙٻنگُ، ڏاھَپَ ڏاھَپَ ڏنگ ُ، پھتو جنھن جي ڏات مان.!“
تو جا سمجھي سِٽَ،سا آھي ڪاتيءَ ڪوٺَ، ڳائي ڳائي ڳوٺ َ، ڪُھندو ويو ڪِينرو.
آءُ، ڀٽائيءَ آءُ،!تنھنجي کِھَ منھنجيون اکيون، ڏِس،!مون تنھنجو ڪينرو،ڀوريو ناھي ڀاءُ،! ساڳيو جوڳَ جڙاءُ ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.
توکي سارِي سنڌڙي ،ساري ڀٽ ڌڻي، مُور نہ ٿيندي مارئي،ٻي ڪا ماءُ ڄَڻِي، تنھنجي پير َ پَڻِي ، ڏات سموري ڏيھ جي.
آھيان آءُٗ اُساٽ َ، تنھنجي مَڌُ جي ، او ميان،! تو سا ڪوءِ ڪَلال جي،جنھن مان منھنجي واٽ، تو کان ٻاھر ٻاٽ ، تو تائين آ سوجھرو.
اڳ ۾ ھُيس شاھ،شَل مون کي سمجھي سگھين،! سنڌڙي ، تنھنجو ساھ ، جَرڪيو منھنجي جيءَ ۾.
چئہ تون مون کان پوءِ،ڪنھن جو ٿيندين ڪينرا،؟ واڪا ڪندي ووء ِ، صديون تو لئہ سنڌڙي.!
پيرَ ڪَڙين، ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ، چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.
”جو چاھين سو چونڊ تون، مڻيو توڻي ماڳ، ڀوري، تنهنجو ڀاڳ، آھي تنھنجي وس ۾“.
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين جڏهن ورنديون ڪونجڙيون هر هر ڪري هُل، تڏهن ملنداسين وڇوڙي جا ڏينهرا ڀورائيءَ جي ڀُل، تڏهن ملنداسين ڳلن ڳوڙها ٽمندا جڏهن موتين جا تُل، تڏهن ملنداسين.
ڪاتيء هيٺيان ڪنڌ، پوء به نعرا نينهن جا، سنڌڙيء جو سڳند، مرنداسين پر مرڪندي۔
سڄو ڏيھ ڏاٽا ڪري جي اُڀا، لکين عيد جا چنڊ اڀري پون ڪڏهن سينڌ سنڌ جي نه ميري ٿئي، ڪڏهن موڙ ان جا نه مرجهائجن.
اي وينگس تنهنجا وار چڱا تنهن تي منهنجا آر چڱا
ڪرايون ڳچيءَ ۾ وجهي ڪانڌَ کي ڏسي وڄ وينگس ڏري ٿي پئي سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي
اهڙو ڪو انڌير، سرتيون، جهڙو سنڌ ۾ پِر نه پائي پيرُ، پَرڪيائين پنهنجو
ھاءِ اُڃايون، آسَرونديون، وِکَ وک تي وَھلور منھنجون اکڙيون، ھيڻيون ھَرڻيون، ڏسن اُفق ۾ ڏور
مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي حياتِ گريزان سرابِ مسلسل ازل کان اڃائي ويا، ڪير سمجھي
ٻيهارَ به ملنداسين ڪنهن ڏُور ستاري تي ٽيهارَ به ملنداسين
او مڌ ماتا، ھوريان هل، منزل آهي هر هڪ پل
ساڳي چارڻ جي چکيا ساڳيو شاعر جو شمشان اڄ ڀي ڏات مصور جي رت ۾ ٻوڙي کائي نان
منھنجي مَڌُ کي ميرو سمجھي، ٿُڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ تنھنجي مَنَ کان ميرو ناھي، ھَٿ رکي ڏِسُ ھانءُ
انهيءَ تي اسان جي خدائي کُٽي نه فردوس بهتر، نه باغ عدن، جڏهن ڪُن چيائون اسان کي ملي اِهائي ته ڌرتي، اِهو ئي ته ڌن.