تاجل بيوس جي شاعري

تکي کڻ ترار - مڏيءَ ماس نه وڍجي
ڪڍي اڳ ڪاٺوڙ کان، مانگر جهڙو مار
ڏيهن کي ڏيکار - ته مرندا ناهن مورڙا

تاجل بيوس

موکي جي مجاز جا، ھنڌين ماڳين ھُل
جوت ڀريائين جوھري، اکين ۾ امھل
ڪري جي ڪھل، پرڀاتي پُر ڪري

تاجل بيوس

ھي موکي جو ماڳ، پر نہ موکي ماڳ ۾
ڏنو ڪنھن ڏھاڪ، ڏکريي کي ڏيھہ ۾

تاجل بيوس

متارا مرندا، موکي کول نہ مٽ کي
ٻيھر ڪين ٻرندا، ڏيئا ڪنھن جي ڏات جا

تاجل بيوس

متاري جي ماءُ، ڪنھن متارا ماريا
اڃان جن جو گهاءُ، چڪي پيو چت ۾

تاجل بيوس