ت

تاجل بيوس

موکي

ھي موکي جو ماڳ، پر نہ موکي ماڳ ۾ ڏنو ڪنھن ڏھاڪ، ڏکريي کي ڏيھہ ۾

- تاجل بيوس
موکي

متارا مرندا، موکي کول نہ مٽ کي ٻيھر ڪين ٻرندا، ڏيئا ڪنھن جي ڏات جا

- تاجل بيوس
موکي

موکي جي مجاز جا، ھنڌين ماڳين ھُل جوت ڀريائين جوھري، اکين ۾ امھل ڪري جي ڪھل، پرڀاتي پُر ڪري

- تاجل بيوس
متارا

متاري جي ماءُ، ڪنھن متارا ماريا اڃان جن جو گهاءُ، چڪي پيو چت ۾

- تاجل بيوس
مورڙو

تکي کڻ ترار - مڏيءَ ماس نه وڍجي ڪڍي اڳ ڪاٺوڙ کان، مانگر جهڙو مار ڏيهن کي ڏيکار - ته مرندا ناهن مورڙا

- تاجل بيوس