Under Development

HelloSindh is currently being updated. Some features may be temporarily unavailable.

و

وفا ناٿن شاھي

نفرت

تنهنجي نفرت ساڻ محبت ڪريون. ايڏو گهٽِ معيار نه آهي پنهنجو.

- وفا ناٿن شاھي
اکيون

تنهنجي اک ۾ سُرمي وانگر آهيون، توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو.

- وفا ناٿن شاھي
غاصب

دوڏا نه ڦاڙ غاصب، حق آ، سوال ڪونهي!

- وفا ناٿن شاھي
ماڻھو

ڪنهن جو خيال ڪونهي، دنيا جو حال ڪونهي. سٽَ ڪُٽ نه آ حياتي، ماڻهو پلال ڪونهي.

- وفا ناٿن شاھي
زندگي

ڪنھن جي نفرت جان نہ ڪنھن جي پيار جان زندگي آھي حرامي ٻار جان

- وفا ناٿن شاھي
سھڻي ميھار

تون سھڻي ٿي ترڻ چاھين ٿين مان نٿو ڄاڻان ٻڌڻ ميھار جان

- وفا ناٿن شاھي
موت

موت جي بستر تي ھر آشنا ستل زندگي گذري ٿي ھڪ بيمار جان

- وفا ناٿن شاھي
محفل

ائين ڪڍي محفل منجھان اڇلي ڇڏيئہ ڄڻ ھيس مان ڪو مکڻ ۾ وار جان

- وفا ناٿن شاھي
آزادي

نرُ هوءِ کڻي مادي انسان ته آزادي

- وفا ناٿن شاھي
زيور

صرف ڪم ناهي هٿوڙين جو صراف فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾

- وفا ناٿن شاھي
بغاوت

صليبون سجايون پيا اکرَ آزمايون پيا بغاوت جا نعرا هڻي ڪسڻ کان ڪَنايون پيا

- وفا ناٿن شاھي
محبت

مُحبت جون چٺيون ٻَڌي ڪبوتر اڏايون پيا ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ ’وفا‘! مِڙئي ڌوڙ پايون پيا

- وفا ناٿن شاھي
خدا

زمينن، آسمانن ۾، ڏٺم سڀني جهانن ۾ خدا ڌرتيءَ کي ويجهو آ، نه ڳوليو آسمانن ۾

- وفا ناٿن شاھي
آدم

ڏسان پڃري ۾ هر بُلبل ۽ ڪانئر گلستانن ۾ عجب آدم جو افسانو سدائين اِمتحانن ۾

- وفا ناٿن شاھي
پيار

پيار پڌرو ڪري سگهيو نه ’وفا‘ ڪير سيد هو، ڪير ٻالو هو

- وفا ناٿن شاھي
آدم

سندس وعده خلافي تي، سندس ايڏي تغافل تي مون کي افسوس آ پيارا! مون کي ارمان آ پيارا جو جنت مان ڀڄي آيو، اهو دوزخ ۾ ڪيئن رهندو ’وفا‘! آدم اِنهي حيرت ۾ خود حيران آ پيارا

- وفا ناٿن شاھي
جيت

تنهن ڪري هٿيار اُڇلي ٿو ڇڏيان جيت منهنجي آهه منهنجيءَ هار ۾

- وفا ناٿن شاھي
مسجد

شيخ صاحب جي ڪارِ ۽ بنگلو من – گهڙت مسجدن جو چندو آ

- وفا ناٿن شاھي
شھر

قهر جو ماڻهو هيو شهر جو ماڻهو هيو جو مليو سالن کان پوءِ پهر جو ماڻهو هيو

- وفا ناٿن شاھي
ڪارو ڪاري

ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟ سنڌڙي! ’ڪارو ڪاري‘ معنيٰ؟ هر عورت جي فطرت ساڳي پو هي ڀوري، ڪاري معنيٰ؟

- وفا ناٿن شاھي
روزو

مون اڄ ڏينهن تائين ڪانه پڙهي آ ’دنيا‘ جي موچاري معنيٰ روزي جي معنيٰ جي فاقو سحري ۽ افطاري معنيٰ!؟

- وفا ناٿن شاھي
انقلابي

ڏسي انقلابن کي سوريءَ تي ٽنگيل نه ٿو ڪوئي اڳتي وڌي انقلابي

- وفا ناٿن شاھي