وفا ناٿن شاھي
تنهنجي نفرت ساڻ محبت ڪريون. ايڏو گهٽِ معيار نه آهي پنهنجو.
تنهنجي اک ۾ سُرمي وانگر آهيون، توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو.
دوڏا نه ڦاڙ غاصب، حق آ، سوال ڪونهي!
ڪنهن جو خيال ڪونهي، دنيا جو حال ڪونهي. سٽَ ڪُٽ نه آ حياتي، ماڻهو پلال ڪونهي.
ڪنھن جي نفرت جان نہ ڪنھن جي پيار جان زندگي آھي حرامي ٻار جان
تون سھڻي ٿي ترڻ چاھين ٿين مان نٿو ڄاڻان ٻڌڻ ميھار جان
موت جي بستر تي ھر آشنا ستل زندگي گذري ٿي ھڪ بيمار جان
ائين ڪڍي محفل منجھان اڇلي ڇڏيئہ ڄڻ ھيس مان ڪو مکڻ ۾ وار جان
نرُ هوءِ کڻي مادي انسان ته آزادي
صرف ڪم ناهي هٿوڙين جو صراف فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾
صليبون سجايون پيا اکرَ آزمايون پيا بغاوت جا نعرا هڻي ڪسڻ کان ڪَنايون پيا
مُحبت جون چٺيون ٻَڌي ڪبوتر اڏايون پيا ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ ’وفا‘! مِڙئي ڌوڙ پايون پيا
زمينن، آسمانن ۾، ڏٺم سڀني جهانن ۾ خدا ڌرتيءَ کي ويجهو آ، نه ڳوليو آسمانن ۾
ڏسان پڃري ۾ هر بُلبل ۽ ڪانئر گلستانن ۾ عجب آدم جو افسانو سدائين اِمتحانن ۾
پيار پڌرو ڪري سگهيو نه ’وفا‘ ڪير سيد هو، ڪير ٻالو هو
سندس وعده خلافي تي، سندس ايڏي تغافل تي مون کي افسوس آ پيارا! مون کي ارمان آ پيارا جو جنت مان ڀڄي آيو، اهو دوزخ ۾ ڪيئن رهندو ’وفا‘! آدم اِنهي حيرت ۾ خود حيران آ پيارا
تنهن ڪري هٿيار اُڇلي ٿو ڇڏيان جيت منهنجي آهه منهنجيءَ هار ۾
شيخ صاحب جي ڪارِ ۽ بنگلو من – گهڙت مسجدن جو چندو آ
قهر جو ماڻهو هيو شهر جو ماڻهو هيو جو مليو سالن کان پوءِ پهر جو ماڻهو هيو
ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟ سنڌڙي! ’ڪارو ڪاري‘ معنيٰ؟ هر عورت جي فطرت ساڳي پو هي ڀوري، ڪاري معنيٰ؟
مون اڄ ڏينهن تائين ڪانه پڙهي آ ’دنيا‘ جي موچاري معنيٰ روزي جي معنيٰ جي فاقو سحري ۽ افطاري معنيٰ!؟
ڏسي انقلابن کي سوريءَ تي ٽنگيل نه ٿو ڪوئي اڳتي وڌي انقلابي