آزادي سان لاڳاپيل شاعري

نرُ هوءِ کڻي مادي
انسان ته آزادي

وفا ناٿن شاھي

اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!

شيخ اياز

تو ڏي ايندڙ هر ڪو رستو، ڦاسيءَ گهاٽ تي آيو،
او آزادي! پر متوالن، ڀيرو ڪونه وڃايو.

حليم باغي