اَٿت تاري جي اڀرڻ ۾ 7 ڏينھن باقي آھن
لوڪ ڏاھپ موجب جڏھن اَٿت تارو اڀرندو تہ درياھہ جو پاڻي ڇينھرو آڻيندو ۽ مال جو کير سڪڻ شروع ٿيندو.
ڏکڻ اوڀر
افق کان تقريباً 5° کان 8° مٿي
بڊو يا اسو
آگسٽ 17 کان 27 (گريگورين)
اَسُر
اڳتي هلي آڌ رات کان اڳ اڀري
- درياھہ جو پاڻي ڇھينرو ھڻندو
- مال کير سڪائڻ شروع ڪندا
- ٻرن کان ٻاهر جيت مرڻ شروع ٿيندا
اَٿت تاري جو پس منظر ۽ تاريخي حيثيت
ھي تارو، جيڪو بڊي مهيني جي پهرين ڏهن ڏينهن ۾ اڀري ٿو (آگسٽ جي 17 کان 27 تاريخ). ڪن جي چوڻ موجب بڊي جي پوين تاريخن يا اڃا بهه اَسُوءَ جي پهرين تاريخن ڌاري اُڀري ٿو. پهريائين اَسُر وقت اُڀري ۽ جيئن پوءِ تيئن اڳ ۾ اُڀري، تان جو آڌيءَ ڌاري اُڀرندو آهي. ڏکڻ اوڀر ڪنڊ کان اُڀرندو ۽ ڏاکڻي اُفق تي ئي رهندو.
عام خيال موجب اَٿت اُڀري درياھہ جي پاڻيءَ ۾ ڇينهرو آڻيندو، مال جو کير سُڪائيندو، ٻِرن کان ٻاهر جيڪي جيت هوندا تن کي ماريندو، ۽ ان وقت چمڙو رڱبو تہ خوشبوءِ ڪندو. سنڌ جي ملاحن، هارين ۽ سگهڙن وٽ اَٿت تاري جي اڀرڻ سان موسم ۾ تبديلي ۽ سرءُ جي مند جي شروعات جو پتو پوندو هو.
مختلف شهرن ۾ اڀرڻ جا وقت
| شهر | تاريخ | وقت (صبح جو) | رخ |
|---|---|---|---|
| ڪراچي | 20 آگسٽ | 05:35 | ڏکڻ اوڀر |
| ٺٽو | 20 آگسٽ | 05:31 | ڏکڻ اوڀر |
| عمرڪوٽ | 21 آگسٽ | 05:25 | ڏکڻ اوڀر |
| نوابشاھہ | 23 آگسٽ | 05:29 | ڏکڻ اوڀر |
| خيرپور | 26 آگسٽ | 05:28 | ڏکڻ اوڀر |
| لاڙڪاڻو | 26 آگسٽ | 05:30 | ڏکڻ اوڀر |
| شھدادڪوٽ | 26 آگسٽ | 05:34 | ڏکڻ اوڀر |