هر شيءِ تنهنجيءَ ڪُکّ مان نڪري
تنهنجيءَ ڪُکّ ۾ وڃڻي آهي،
مان ڀانيان ٿو هر ملحد کي
تنهنجي وحدت مڃڻي آهي؛

شيخ اياز

پرين پيار تنھنجي ۾ ٿياسين مسافر
وتيسين، سکن کي ڇڏي واٽ وندر
نہ سونھون آ رستو، نہ ساٿي نہ سنگتي
ھلون پيا سھاري، ڀٽائي، قلندر

سرور نواز

موت سان فوت ڪين ٿيندس مان،
عشق جو ڪو شهيد آهيان مان.

مسرور پيرزادو

جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
پليت پير ڪري پري ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ

ابراھيم منشي

ٻليا تو ۾ ٻل ئي ڪھڙو! تو وٽ موت اجل جون ڳالھيون
تون آن ڦورو، ڌاڙا مارين! تو وٽ سون پتل جو ڳالھيون

خليل ڪنڀار

تـنهنجي اک ۾ پتـلـي ناهـي، پٿري آهـي،
سـنڌ سـڙي پئـي تـنهنجي اک روئي به نٿـي،
تـنهنجي بـت ۾ رت جـي بـدلي ريـتي آهـي،
خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نٿي،

استاد بخاري

اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!

شيخ اياز

اچو سنڌ اڏيون سمبارا جي ساڳي
جتي ناچڻيون ڪڏهن ڪاريون نه ٿيون

آصف جوڻو

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا،
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو، جلاد جي لئه مجبوري آ

حليم باغي

تماچي جي تڪئي تڙ تي، حسن جي ھاڪ ھولي ھئي.
پساري پرت واري جي، اتي پلپل پرولي ھئي.
نگاھون نيڻ پرڪيفي، نظارا ناز آرايون
نرالي نينھن ناتي سان، نوري جي نور جھولي ھئي.

اعجاز شاھ راشدي

ھتي ڏوھي کي چھبڪ جا بہ پئسا پاڻ ڀرڻا آھن
اوھان جي شھر ۾ دادن، سزا ڏاڍي مھانگي آ

دادن ثقلين لاشاري

مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا
ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي
حياتِ گريزان سرابِ مسلسل
ازل کان اڃائي ويا، ڪير سمجھي

شيخ اياز