سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.
هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون
جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي
حليم باغي
هر شيءِ تنهنجيءَ ڪُکّ مان نڪري
تنهنجيءَ ڪُکّ ۾ وڃڻي آهي،
مان ڀانيان ٿو هر ملحد کي
تنهنجي وحدت مڃڻي آهي؛
شيخ اياز
ڪوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور
ڌارين ماڻهن جي دلداري نامنظور
ڌرتيءَ جي غدارن لئه جي گيت لکن
شاعر ليکڪ سي درٻاري نامنظور!
مشتاق ڦل
تـسلـيم ته مـاحول صـفا گـرم آهي
اسـتـاد جـي تحريـر ذرا نـــرم آهــي،
اللھ ڪـي انـسان کـي اهـي اکـيون ڏي!
انـسان ۽ انـسان سان وڙهـي، شــرم آهي.
استاد بخاري
مان پنهنجي جوهر ۾ معرڪو هان،
سڃاڻو مون کي مان حوصلو هان۔
اي جنگجوؤ ! مون کي به نيئو،
مان جوش آهيان مان ولولو هان۔
آصف جوڻو
ها، جنگ کـان هن دور کي نفـرت آهي
پـُر جـنگ تـه انـسان جـي فـطـرت آهـي.
دل ۾ نـه ڪجانءَ، امـن جـا عـاشق ”اسُتاد“،
ظـالـم سـان لـڙڻ جـي ته ضـرورت آهـي.
استاد بخاري