موت سان لاڳاپيل شاعري

ٻليا تو ۾ ٻل ئي ڪھڙو! تو وٽ موت اجل جون ڳالھيون
تون آن ڦورو، ڌاڙا مارين! تو وٽ سون پتل جو ڳالھيون

خليل ڪنڀار

موت جي بستر تي ھر آشنا ستل
زندگي گذري ٿي ھڪ بيمار جان

وفا ناٿن شاھي

پاڇي وانگر پويان منھنجي، موت بہ مون سان آھي ساڻ
پوءِ بہ ان جي لاءِ جيان پيو، جنھن جي مونکي ناھي ڄاڻ

منصور قادر جوڻيجو

موت آھي ماڙھوئا، مٿي کان مٿي
آوَس اھي اچڻو، اُڀرئي يا لٿي
جھان جي جٿي، ھر ڪنھن آ ھرکائيو

ابراھيم منشي

متان ڊڄين موت کان، موت نه آھي موت
جِيءَ جنين جي جوت، سي جسم ري جيئرا رھيا

ابراھيم منشي

زندگي ۾ عذاب ملندا هِن،
پر بُٺيءَ تي گلاب ملندا هِن،
ڪهڙو دستور آ دنيا جو عزيز-
موت کان پوءِ خطاب ملندا هِن.

عزيز ڪنگراڻي

ڪارندا قبر لئه، ڪانوُ ويا ڪڇي
ڪاري ڪنھن اڇي، موٽايو نه موت کي

ابراھيم منشي