موت سان لاڳاپيل شاعري
موت آھي ماڙھوئا، مٿي کان مٿي
آوَس اھي اچڻو، اُڀرئي يا لٿي
جھان جي جٿي، ھر ڪنھن آ ھرکائيو
ابراھيم منشي
پاڇي وانگر پويان منھنجي، موت بہ مون سان آھي ساڻ
پوءِ بہ ان جي لاءِ جيان پيو، جنھن جي مونکي ناھي ڄاڻ
منصور قادر جوڻيجو
ٻليا تو ۾ ٻل ئي ڪھڙو! تو وٽ موت اجل جون ڳالھيون
تون آن ڦورو، ڌاڙا مارين! تو وٽ سون پتل جو ڳالھيون
خليل ڪنڀار
زندگي ۾ عذاب ملندا هِن،
پر بُٺيءَ تي گلاب ملندا هِن،
ڪهڙو دستور آ دنيا جو عزيز-
موت کان پوءِ خطاب ملندا هِن.
عزيز ڪنگراڻي