Under Development

HelloSindh is currently being updated. Some features may be temporarily unavailable.

پيار

پيار

پيار پکيءَ جئن ايندو آهي آکيرو به اَڏيندو آهي روهه مٿان روها کيءَ وانگر پو به اُڏامي ويندو آهي

- شيخ اياز
پيار

پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي آکيرا اُن لاءِ اَجايا ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي

- شيخ اياز
پيار

پرين پيار تنھنجي ۾ ٿياسين مسافر وتيسين، سکن کي ڇڏي واٽ وندر نہ سونھون آ رستو، نہ ساٿي نہ سنگتي ھلون پيا سھاري، ڀٽائي، قلندر

- سرور نواز
پيار

پيار پڌرو ڪري سگهيو نه ’وفا‘ ڪير سيد هو، ڪير ٻالو هو

- وفا ناٿن شاھي
پيار

ڳولي ڌرتيءَ چار طنابون، ڍونڍي روءِ زمين، پئسي وارا پيار ڇا ڄاڻن؟ يار ڪبو مسڪين.

- حليم باغي
پيار

ڪو پيار دولابن جو ڏنگيل ڪو غم گفائن ۾ گم ٿيل ڪنهن دريا ۾ ٽپو ڏيندو آ ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

- ڊاڪٽر سلمان علي
پيار

ڪنهن جو پيار وساري ڇڏجي تنهن کان پاڻ کي ماري ڇڏجي.

- عبدال غفور عبد
پيار

محبت ڪونھي مُل، قيمت پُڇي ڇا ڪندين سھڻي، ساھڙ وچ ۾، پيار آھي پُل قيمت پُڇي ڇا ڪندين

- ابراھيم منشي
پيار

ڪنهن پڇيو ڇا ڏٺو آهه تو پيار ۾؟ مون چيو”ٻيو چڱو ڇاهي سنسار۾“.

- اياز گل
پيار

پيار ڪِوِلين سمان ماڻهن کي مليو ڄڻ ته پٽ تي ڪريل مٺائي هئي

- مظهر لغاري
پيار

هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو! ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو! ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واسُ هيس، ڇا انگ هُيس! هُو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو!

- مسرور پيرزادو