پيار سان لاڳاپيل شاعري

پيار پڌرو ڪري سگهيو نه ’وفا‘
ڪير سيد هو، ڪير ٻالو هو

وفا ناٿن شاھي

هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو!
ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو!
ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واسُ هيس، ڇا انگ هُيس!
هُو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو!

مسرور پيرزادو

ڪنهن جو پيار وساري ڇڏجي
تنهن کان پاڻ کي ماري ڇڏجي.

عبدال غفور عبد

ڪنهن پڇيو ڇا ڏٺو آهه تو پيار ۾؟
مون چيو”ٻيو چڱو ڇاهي سنسار۾“.

اياز گل

پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي
نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي
آکيرا اُن لاءِ اَجايا
ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي

شيخ اياز

پرين پيار تنھنجي ۾ ٿياسين مسافر
وتيسين، سکن کي ڇڏي واٽ وندر
نہ سونھون آ رستو، نہ ساٿي نہ سنگتي
ھلون پيا سھاري، ڀٽائي، قلندر

سرور نواز

پيار پکيءَ جئن ايندو آهي
آکيرو به اَڏيندو آهي
روهه مٿان روها کيءَ وانگر
پو به اُڏامي ويندو آهي

شيخ اياز

محبت ڪونھي مُل، قيمت پُڇي ڇا ڪندين
سھڻي، ساھڙ وچ ۾، پيار آھي پُل
قيمت پُڇي ڇا ڪندين

ابراھيم منشي

ڳولي ڌرتيءَ چار طنابون، ڍونڍي روءِ زمين،
پئسي وارا پيار ڇا ڄاڻن؟ يار ڪبو مسڪين.

حليم باغي

پيار ڪِوِلين سمان ماڻهن کي مليو
ڄڻ ته پٽ تي ڪريل مٺائي هئي

مظهر لغاري

ڪو پيار دولابن جو ڏنگيل
ڪو غم گفائن ۾ گم ٿيل
ڪنهن دريا ۾ ٽپو ڏيندو آ
ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

ڊاڪٽر سلمان علي