چارڻ سان لاڳاپيل شاعري

جي جلندو ته جھونا ڳڙهه هاڻ جلندو،
آ چارڻ جي چت ۾ چِتائن جي موسم.

حليم باغي

ساڳي چارڻ جي چکيا
ساڳيو شاعر جو شمشان
اڄ ڀي ڏات مصور جي
رت ۾ ٻوڙي کائي نان

شيخ اياز

جتي چنگ چارڻ وڄايو ھوندو
اتي سر ڏنو ڪنھن اڌارو نہ ھوندو

منصور قادر جوڻيجو

پيرَ ڪَڙين، ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ،
چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.

شيخ اياز

پيرَ ڪَڙين، ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ،
چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.

شيخ اياز