تو طرف ئي ٿو ڏسي باک جو سائو وَڻ ٽَڻُ!
ٿا ڪَڪَر ساٿُ ڏَيِن، جيئَن پَئي هَڪليِن ڌَڻ!

شيخ اياز

عقابيل اکين ۾ توکي تکا تير
ساجن انھي سيگ سين ڦٽيئي گهڻا فقير
ٻيو م مارج مير، تنھنجو پھريون ئي پورو ٿيو

لطيف

مون اکين جي صحيفي تي آندو ايمان
مان نه قائل ٻئي ڪنهن به دستور جو

آصف جوڻو

تاريخ جو رڳو ھڪڙو دور، عورت جو سونھري دور
جڏھن کيس ڄمندي ئي ماري ڇڏبو ھو

ڊاڪٽر سلمان علي

ڪنهن جو تختو نڪتل آهي
ڪنهن جو تخت وڃايل آهي،
مورڙيا ۽ مَڇَّ وڙهن ٿا
پاڻي رَتُّ رُلايل آهي؛

شيخ اياز

راھو تنھنجا رنگ، مون ڏٺا، مون ڄاڻ
توريءَ وانگين ويڙھ ۾، وِلھا ٿيا وٿاڻ
ٽوڙيندي ٽُٽي وئين، منجھان ڏوٿين ڏاڻ
اڳيان جابر آڻ ، ڪُونڌر مڃيئي ڪانه ڪا

ابراھيم منشي

ٻه ٽي گيت واريم، ٻه ٽي ديپ ٻاريم،
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجي آجيان ۾.

نارائڻ شيام

فضول، بور، بي چسي، ذليل زندگي هئي
مگر او سانورا پرين
چڱي نه خودڪشي هئي

سعيد سومرو

تکي کڻ ترار - مڏيءَ ماس نه وڍجي
ڪڍي اڳ ڪاٺوڙ کان، مانگر جهڙو مار
ڏيهن کي ڏيکار - ته مرندا ناهن مورڙا

تاجل بيوس

سبحان تنھنجي صورت، قربان حسن وارا
اللہ ياد ڏياريئي، احسان حسن وارا

اعجاز شاھ راشدي

توسان چاھت ۽ چرپڻ به گھٽبا وڃن،
دل جا آرا ۽ ارپڻ به گھٽبا وڃن،
۽ وڇوڙن ۾ ناھي رھيو وَلولو،
يارَ جلدي ملو، يار جلدي ملو

آڪاش انصاري

تون ئي سمجهي ڪين سگھين ٿو اي مورک،
خاموشيءَ ۾ ڪيڏا نعرا جاڳن ٿا.

اياز گل