جڏھن ھت ڪو ڌرتي ڌڪاريو نہ ھئو
تڏھن سنڌ ڌرتيءَ جون سارون ھيون
جڏھن ڪو بہ ڪانئر نہ ھو ڪرم ۾
تڏھن ھت ھنجن جون اڏارون ھيون
منصور قادر جوڻيجو
نوان مشال، نيون روشنيـون، نوان شعلا،
نوان خيال، نيون ڪوششون، نوان جذبا،
چـيو لطيـف، بـخاريءَ کــي، آزمـايـو هي،
نـوان جــوان، نـوان قــافــلا، نـوان رسـتا،
استاد بخاري
جُـتي برف ڏاڍي ۾ ڏاڍي ڄمي ٿــي،
اتــان ئـي ته دريــاهه وهنـدا ڏسـون ٿــا،
جتي چيچڪا کائـيُ ڌرتـي وڃي ٿـي،
اتـيـئـي ته گـجـگـاهه ڦٽـندا ڏسـون ٿــا،
استاد بخاري
ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟
سنڌڙي! ’ڪارو ڪاري‘ معنيٰ؟
هر عورت جي فطرت ساڳي
پو هي ڀوري، ڪاري معنيٰ؟
وفا ناٿن شاھي
سنڌوءَ سينڌ سنڌور راھو رات ڀري ويو
پل نه ھڪ پاسي ٿيو، ڪنا ڏوٿين ڏور
ماڻھن ۾ مذڪور، ته راھو رڃ ڪري ويو
ابراھيم منشي
ساقي ڏي شراب سو، جيڪو ھجي ھستي ٽوڙ
پيئڻ سان جزوي عقل کي، وجھي نڪ ۾ نوڙ
ڏي ڪو تيلي ٻوڙ، جيڪو نشا چاڙھي نيھن جا
اعجاز شاھ راشدي
اچڻ منھنجو وڃڻ تنھنجو، مرڻ منھنجو ، وڃڻ تنھنجو
ستمگر ٿي ستم ڪر تون، پيو سھندس سڄڻ تنھنجو
ابراھيم منشي
وقت جي اڄ واڳ موڙي پوء اٿون۔
ڪي وفا جا علم کوڙي پوء اٿون۔
ها اڃا ڪجھ شام ڍلجي رات ۾۔
هوء پنهنجا وار ڇوڙي پوء اٿون۔
آصف جوڻو
مـزدور جـا ڏينـهن ڦِـن ٿـا مِـل جـي ڦـيـٿن وانگـر،
سـيٺيـن جـا سرمـايـا سـوگها لـوهن ٿنـڀن وانگـر،
ظـالـم انــڌا، ٻـوڙا، گـونـگا تـابـوتـن جـان آهــن،
مظلومن جا واڪ وڄن ٿا پٽ جي دهلن وانگر،
استاد بخاري
جنهن ۾ منهنجي ڏات ڏهاڳڻ
ڪوڪِي آهي ڪويَلين جئن
مڌوبن جي پن پن ۾ منهنجي
دهڪي آهي دانهن دِلين جئن
شيخ اياز
منهنجا پير وڍيا آهن جن
سي ڪارايُن وانگر رستا
ڪيڏو دور وڃن ٿا اڳتي
سي ڪنڊن سا ٻُر ٻُر رستا
شيخ اياز