فاضل راھو سان لاڳاپيل شاعري

آيو المناڪ، واقعو ويڙھيچن تان
جھانگيئڙن جھوري وڌو، فاضل جي فراق
ڪيڏو منجھند ٽاڪ، ڪاڙھو رھيو قوم ۾

ابراھيم منشي

سنڌوءَ سينڌ سنڌور راھو رات ڀري ويو
پل نه ھڪ پاسي ٿيو، ڪنا ڏوٿين ڏور
ماڻھن ۾ مذڪور، ته راھو رڃ ڪري ويو

ابراھيم منشي

راھو تنھنجا رنگ، مون ڏٺا مون خبرون
چُرندو رھندو چئني ڏِسيين، تنھنجو چوريل چنگ
لاٿا تو لتون ھڻي، ويڙھيچن تان ونگ
جاني تنھنجي جنگ، جاري رھندي جڳ ۾

ابراھيم منشي

راھو سڄي راڄ جو، روُحان ھو راکو
ڦلاڻي لاکو، سر ڏيئي ويو سنڌ تان

ابراھيم منشي

راھو تنھنجا رنگ، مون ڏٺا، مون ڄاڻ
توريءَ وانگين ويڙھ ۾، وِلھا ٿيا وٿاڻ
ٽوڙيندي ٽُٽي وئين، منجھان ڏوٿين ڏاڻ
اڳيان جابر آڻ ، ڪُونڌر مڃيئي ڪانه ڪا

ابراھيم منشي

راھو تنھنجي رت ۾، مينديءَ جي مھڪ
ڪيڏا ھي ڪٽڪ، لٿا تنھنجي لوءِ تي

ابراھيم منشي

دودي ڏنو داد، راھو تنھنجي رت کي
فاضل زنده باد، سنڌ ڄڻي پئي سُورما

ابراھيم منشي

ڪولھي، ڀيل ڪاوڙيا، ڏاڍو مٿي ڏاڍ
فاضل ساڻ فراڊ، ڪھاڙي ڪيڏو ڪيو

ابراھيم منشي