دوست سان لاڳاپيل شاعري

ھڏ نہ ساھ سڌير، دل درماندي دوست ري
پائي وئي پرتِ جو، زوراور زنجير
جيءُ جسو جاگير، ھاڻي ملڪيت ھوت جي

لطيف

دوست جي دلبري جهٽي وٺجي،
پر ڪو آڱر کڻي ڪٽي وٺجي،
جو مُڙيو سو عزيز گيدِي آ-
جا بڪي ڄڀ سا پٽي وٺجي.

عزيز ڪنگراڻي

دوست داناءُ ٿي ويو آھي
پٺَ ۾ گهاءُ ٿي ويو آھي

دادن ثقلين لاشاري

مِـٽيـون مـائـٽـيون آزمــائي ڏٺـيوسين،
سَـڳيون ڀـائـپـيون آزمــائي ڏٺـيوسين،
مصيبت ۾ ڪو يار همدرد ڪونهي،
پـڪيون دوستيون آزمــائي ڏٺـيوسين،

استاد بخاري