مقتل سان لاڳاپيل شاعري

هي مقتلن ڏي سفر شعوري
ڪيو اٿم اي تماش بينو۔
متان ڪو سمجهي ته ناگھاني
ڪو واقعو هان ڪو حادثو هان۔

آصف جوڻو

چمن چم ۾ چٽي آ مينڌي،
هزار منظر حساب ڪونهي،
نهار ٿورو بهارِ مقتل،
رڳو ئي ڳاڙهو گلاب ڪونهي.

حليم باغي

رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا،
اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

حليم باغي

اٿ سانباهو ڪر مقتل ڏي
ٿو ساري رت شهيدن جو
هو ڪارونجھر جي ڪور مٿان
آ اڀريو سج اميدن جو

حليم باغي

بي خوف ڪھاڙي جو سڏ آ
محبوب! پڇاڙي جو سڏ آ
سڀ ھلنداسين ڪنھن مقتل ڏي
تاريخ اگهاڙيءَ جو سڏ آ

ايوب کوسو

مئخاني ۾ جيڪي به ھئا گڏ تو سان سي مدھوش ھئا.
مئخاني کان ڪجھ اڳيان ئي مقتل ۾ مون سرفروش ڏٺا.

آصف جوڻو