خدا سان لاڳاپيل شاعري
خدا ڪال ڪوٺين، نہ قيدن ۾ ھوندو
جي ھوندو اسان جي اميدن ۾ ھوندو
خدا ڪين جڪڙيل زنجيرن ۾ ھوندو
جي ھوندو تہ انسان ميرن ۾ ھوندو
منصور قادر جوڻيجو
خدا ڪنھن جي محلن نہ ماڙين ۾ ھوندو
جي ھوندو تہ پکڙن پراڻن ۾ ھوندو
خدا ڪنھن نہ ڪورٽ نہ ٿاڻن ۾ ھوندو
جي ھوندو تہ ٿاڪن ٺڪاڻن ۾ ھوندو
منصور قادر جوڻيجو