جلاوطن سان لاڳاپيل شاعري
مُرڪ مون کان وئي کسي تنھن مُرڪ جو آھي قسم،
جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي، ھر سُرڪ جو آھي قسم،
پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن!
مان ڪيئن رھان جلاوطن، مان ڪيئن رھان جلاوطن؟
آڪاش انصاري
ڀٽڪي پنھنجو دڳ وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجھه گگن،
نه جنھن جو ڪوئي آھيرو، نه آشيانو ۽ چمن ،
مان به پنھنجي ديس ۾، آھيان اڪليو اوپرو،
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.
آڪاش انصاري