کاھوڙي سان لاڳاپيل شاعري

کرڪڻا لاھي، سک نہ ستا ڪڏھن
کاھوڙين آھي، آسرو پنڌ جو

لطيف

جت پکي نہ پير، تت ٽمڪي باھڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاھوڙڪي کير ري

لطيف

جي تن ۾ تيرٿ ڪن، سي گنگا وڃن نه گودڙيا،
تن سامين سنديءَ سڪ جا، ٿا دونهان دل(1) دکن،
لڳو رنگ، ”روحل“ چوي، اندر آديسن،
کوجي کاهوڙين، وڃي اُونهي ۾ آسڻ ڪيا.

روحل فقير