لاھوتي سان لاڳاپيل شاعري

جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ،
گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ،
نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ،
”روحل“ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.

روحل فقير