ڪوڙ سان لاڳاپيل شاعري

کنيو ڪوڙ جو مون قِصو ڪو به ڪونهي
تڏهن داد دنيا ڏنو ڪو به ڪونهي

وفا چولياڻي

سدائين ڪوڙ کٽيو جبر جي سھارن تي،
دٻائي سچ کي تقدير جي حوالن سان:
رکي سياھيءَ جو الزام چنڊ تارن تي،
عجب مذاق انڌيرن، ڪيو اجالن سان.

شمشير الحيدري