زندگي سان لاڳاپيل شاعري

ڪنھن جي نفرت جان
نہ ڪنھن جي پيار جان
زندگي آھي حرامي ٻار جان

وفا ناٿن شاھي

ياد اُداسي تنهائي
زندگي مسلسل ڄڻ ته
ڪنهن وئشيا جي رُسوائي

ڊاڪٽر سلمان علي

تعزيتي ميڙ اڄ سڏايو پيا،
ٻارها ورسيون ملهايو پيا،
زندگي ڀر عذاب مان گذريو-
قبر کي خوبتر سجايو پيا.

عزيز ڪنگراڻي

لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ،
تون نه آئينءَ دفن ٿيڻ کانپوءِ،
جي اچين ها ڪيان آجيان ها عزيز-
زندگيءِ جي مان سج لهڻ کانپوءِ.

عزيز ڪنگراڻي

زندگي سارِي رف منجھان گُذرِي،
درد جي روز رش منجھان گُذرِي.
حوصلن جا هشام ڀاڪُر ۾ عزيز-
توڙي دل ڪشمڪش منجھان گُذرِي.

عزيز ڪنگراڻي

زندگي جي ذليل گھڙين ۾،
ضياءَ جي موت جي خبر آھين،
منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين،
تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.

آڪاش انصاري